Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

۽ اهو ڪم شيطان جي طرفان آهي۔ (ڪنْزُ الْعُمّال،۹/۱۴۴،حديث:۲۶۲۵۵) (2) آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي وضو ڪندي ڏٺو ته فرمايائون: ”اسراف نه ڪر، اِسراف نه ڪر۔ (اِبن ماجه ،ڪتاب اطهارۃ و سننها،باب ما جاء في القصد في الوضوء۔۔ الخ،۱/ ۲۵۴، حديث:۴۲۴) ٭ جيڪڏهن وَقف ٿيل پاڻي مان وُضو ڪيو ته گھڻو پاڻي خَرچ ڪرڻ بِالْاِتِّفاق حرام آهي۔ (وضو جو طريقو ،ص۴۲) ٭ ڪجهه ماڻهو ٻُڪ ۾

پاڻي اهڙيءَ طرح وجھندا آهن جو وهڻ لڳندو آهي حالانڪه جيڪو پاڻي هارجي ويو سو بيڪار ٿي ويو، ان کان احتياط گھرجي۔ (وضو جو طريقو ،ص۴۲) ٭ اڄ تائين جيترو به ناجائز اسراف ڪيو آهي ان کان توبهه ڪـري اڳتي ان کان بچـڻ جي ڀرپور ڪوشش شروع ڪريو۔ ٭ وضو ڪرڻ وقت ٽونٽي احتياط سان کوليو، وضوءَ جي دؤران ڪوشش ڪريو ته هڪ هٿ ٽونٽيءَ جي مٿان هجي ۽ ضرورت پوري ٿيڻ کانپوءِ هرهر ٽونٽي بند ڪندا رهو۔ ٭ ڏندڻ، گرڙي، گرڙا، نڪ جي صفائي، ڏاڙهي ۽ هٿن پيرن جي آڱرين جو خِلال ۽ مَسۡحۡ ڪرڻ وقت هڪ به ڦڙو نه ڪري ۽ ائين چڱيءَ طرح ٽونٽي بند ڪرڻ جي عادت بڻايو۔ ٭ سياري ۾ وضو يا غسل ڪرڻ يا ٿانوَ ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئڻ لاءِ گرم پاڻي حاصل ڪرڻ خاطر پائيپ ۾ جمع ٿيل ٿڌو پاڻي ائين ئي وهائي ڇڏڻ بدران ڪنهن ٿانوَ ۾ پهريان ئي ڪڍي وٺڻ جي ترڪيب بڻايو۔ ٭ هٿ يا منهن ڌوئڻ لاءِ صابڻ جي گج بڻائڻ لاءِ به پاڻي احتياط سان خرچ ڪريو. ٭ استعمال کان پوءِ اهڙي صابڻ داڻي ۾ صابڻ رکو جنهن ۾ پاڻي بلڪل نه رڪي۔ ٭ ٽونٽيءَ مان جيڪڏهن قَطرَا ٽِمندا هجن ته جلد ان جو ڪو حل ڳوليو نه ته پاڻي ضايع ٿيندو رهندو. ٭ ۽ گهڻو ڪري مَسجدن ۽ مدرسن جون ٽونٽيون ٽِمنديون رهنديون آهن پر ڪو پُڇڻ وارو ڪونه هوندو آهي.اِنتظَامِيه کي پنهنجي ذميواري جو خيال ڪندي پنهنجي آخرت جي بهتري لاءِ جلد ڪا ترڪيب ڪرڻ گھرجي۔ ٭ کاڌي کائڻ، چانهه يا ڪو شربت پيئڻ، ميوا ڪٽڻ وغيره وارن مُعاملن ۾ احتياط ڪريو ته جيئن هر داڻو، هر غذائي ذرو ۽ هر ڦڙو استعمال ٿي وڃي۔ (وضو جو طريقو ،ص۴۵،۴۶،۴۷) 

مجھ کو جذبہ دے سَفَر کا کرتا رہوں پَرْوَرْدگار     سُنّتوں کی تَرْبِیَت کے قافِلے میں بار بار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد