Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ التَّوَّابِیْنَ وَ یُحِبُّ الْمُتَطَهِّرِیْنَ(۲۲۲)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ الله توبھ ڪندڙن کي گھڻو پسند ڪري ٿو ۽ پاڪائي ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو.

اهڙي طرح احاديثِ ڪريمه ۾ به صفائي سُٿرائي جي اَهمِّيت کي اُجاگر ڪيو ويو آهي۔ اچو! هن باري ۾ 3 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه ڪريو،

صفائي سُٿرائي جي اهميت تي احاديثِ مبارڪه

(1) فرمايائون: اَلطُّھُوْرُنِصْفُ الْاِيمَانِ يعني صفائي اڌ اِيمان آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الدعوات، باب ۹۲، حديث : ۳۵۳۰،۵/۳۰۸)

(2) فرمايائون: بيشڪ اسلام صاف سُٿرو (دِين) آهي ته توهان به پاڪيزگي حاصِل ڪريو ڇوته جنت ۾ صاف سُٿرو رهڻ وارو ئي داخل ٿيندو۔ (ڪنز العمال،حرف الطاء، ڪتاب الطهارۃ، قسم الأقوال، الباب الاول في فضل الطهارۃ مطلقاً،الجزء۹، ۵/۱۲۳،حديث: ۲۵۹۹۶)

 (3) فرمايائون: جيڪا شيءَ توهان کي مُيسّر هجي، ان مان پاڪيزگي حاصِل ڪريو، الله پاڪ اسلام جو بنياد صفائي تي رکيو آهي ۽ جنت ۾ صاف سُٿرا رهڻ وارا ئي داخل ٿيندا۔ (جمع الجوامع،قسم الاقوال، حرف التاء،۴/۱۱۵،حديث:۱۰۶۲۴)

تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجو پاڻ کي هر طرح جي گندگي ۽ ميل ڪچيل کان پاڪ ۽ صاف رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون ۽ اهڙيون تدبيرون اختيار ڪيون، جن کي اپڻائڻ سان اسان هن مقصد کي ماڻڻ ۾ ڪاميابي ٿي سگھون۔ پنهنجو پاڻ کي صاف سُٿرو رکڻ ۽ پنهنجي صحّت کي برقرار رکڻ جي لاءِ باوُضو رهڻ بِلاشُبه هڪ بهترين عمل آهي۔ ڪرنگھي واري هڏي (Back Bone) ۽ حرام مَغز جسم جا نهايت حسّاس ۽ اهم ترين حِصَّا آهن، هن جو اندازو هر عقلمند انسان چڱي نموني لڳائي سگھي ٿو۔ فزيالوجي (Physiology) جي تحقيق ۽ ريسرچ مطابق جيستائين حرام مَغز (Spinal Cord) محفوظ رهندو، جسم جو اَعصابي نظام دُرُست ۽ مُنَظَّم رهندو۔ جيڪڏهن هن ۾ ڪنهن قسم جي خرابي ٿي ويندي ته انسان سڄي زندگي جي لاءِ محتاج ٿي ويندو آهي۔ اهڙي طرح مايوسي ۽ نفسياتي بيماريون به اسان جي معاشَري ۾ اِنتهائي تيزي سان پکڙجي رهيون آهن۔