Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ وُضو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ڪرنگھي جي هڏي (BackBone

حرام مَغز جي خرابي، مايوسي، نفسياتي بيمارين ۽ فالج جهڙين ٻين ڪيئي بيمارين کان به تَحَفُّظ فراهم ڪري ٿو۔ جديد سائنسي تحقيقات هن جو واضح ثُبوت آهي۔ اچو! جديد سائنسي تحقيقات جي روشني ۾ وُضو وارن عضوئن کي ڌوئڻ بابت ڪجھ طبّي فائدا ٻڌون ٿا

وُضوءَ جي حڪمت سبب اسلام قَبول ڪيائين

         شَيخِ طريقت، اَميرِاهلسنت،باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رِسالي ”وُضو ۽ سائنس“ جي صَفحي نمبر 1 ۽ 2 تي لکن ٿا: هڪ شخص جو بيان آهي: مون بيلجيئم ۾ يونيورسٽي جي هڪ غيرمسلم شاگرد (Student) کي اسلام جي دعوت ڏني. ان سوال ڪيو ته وضوءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سائنسي حڪمتون آهن؟ مان لاجواب (عاجز) ٿي ويس. ان کي هڪ عالم وٽ وٺي ويس پر ان کي به ان بابت معلومات نه هئي، ايتري تائين جو سائنسي معلومات رکڻ واري هڪ شخص ان کي وضو جون ڪافي خوبيون ٻڌايون، پر ڪنڌ جي مسح جي حڪمت اهو به نه ٻڌائي سگهيو. اهو غيرمسلم نوجوان هليو ويو، ڪجھ عرصي کان پوءِ آيو ۽ چوڻ لڳو: اسان جي پروفيسر ليڪچر جي دؤران ٻڌايو ته روزانو ڪنڌ ۽ ان جي چؤڌاري پاڻي جا ڪجھ قطرا هڻڻ سان ڪرنگهي جي هڏي ۽ حرام مغز جي خرابي مان پيدا ٿيڻ وارين بيمارين کان حفاظت حاصل ٿي ويندي آهي۔ اهو ٻڌي وضو ۾ ڪنڌ جي مسح جي حڪمت منهنجي سمجھ ۾ اچي وئي، تنهن ڪري مان مسلمان ٿيڻ چاهيان ٿو، پوءِ اهو مسلمان ٿي ويو. (وضو ۽ سائنس ،ص۱-۲)

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت

 

رہوں باوضو میں سدا یا اِلٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مغرِبي جرمني جو سيمينار

مغربي ملڪن ۾ مايوسي يعني (Depression) جو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي، دماغ فيل ٿي رهيا آهن، پاڳل خانن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔