Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

نفسياتي بيمارين جي ماهرن وٽ مريضن جون قطارون لڳل آهن۔ مغرِبي جرمني جي ڊپلومه هولڊر هڪ پاڪستاني فزيوٿراپسٽ جو چوڻ آهي؛ مغرِبي جرمني ۾

 هڪ سيمينار ٿيو، جنهن جو موضوع هو ”مايوسي (Depression) جو علاج دوائن کان علاوه ٻين ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان ممڪن آهي؟“ هڪ ڊاڪٽر پنهنجي مقالي ۾ اهو حيرت انگيز انڪشاف ڪيو ته مون ڊپريشن جي ڪجھ مريضن کي روزانو پنج ڀيرا منهن ڌوئاريو، ڪجھ عرصي کان پوءِ انهن جي بيماري گھٽ ٿي وئي۔ وري اهڙن ئي مريضن جي ٻي گروپ جا روزانو پنج ڀيرا هٿ منهن ۽ پير ڌوئاريا ته بيماري ڪافي گھٽجي وئي۔ اهو ڊاڪٽر پنهنجي مقالي جي آخر ۾ اعتراف ڪري ٿو ته مسلمانن ۾ مايوسي جو مرض تمام گھٽ ڏٺو ويندو آهي ڇو ته اهي ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا هٿ، منهن ۽ پير ڌوئيندا (يعني وضو ڪندا) آهن۔ (وضو ۽ سائنس، ص۲-۳)

مسلماں ہے عطارؔ تیری عطا سے     ہو اِیمان پر خاتِمہ یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

وُضُو ۽ هائي بلڊپريشر

          هڪ هارٽ اسپشلسٽ (دل جي ماهر ڊاڪٽر) جو وڏي يقين سان چوڻ آهي ته هاءِ بلڊ پريشر جي مريض کي وضو ڪرايو، پوءِ ان جو بلڊ پريشر چيڪ ڪريو، لازمي طور تي گھٽ هوندو۔ هڪ مسلمان ماهرِ نفسيات جو چوڻ آهي؛ ”نفسياتي بيمارين جو بهترين علاج وضو (Ablution) آهي۔“ مغرِبي ماهرين نفسياتي مريضن کي وضوءَ وانگر روزانو ڪيترائي ڀيرا جسم تي پاڻي هڻڻ جو چوندا آهن۔ (وضو ۽ سائنس،ص۳)

وُضُو ۽ فالِج

وضو ۾ جيڪي ترتيب وار عضوا ڌوتا ويندا آهن، اهي به حڪمت کان خالي ناهن۔ پهريان هٿن کي پاڻي ۾ وجھڻ سان جسم جو اعصابي نظام بيدار ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي چهري ۽ دماغ جي رڳن جي طرف ان جا اثرات پهچندا آهن۔ وضوءَ ۾ پهريان هٿ ڌوئڻ پوءِ گرڙي ڪرڻ پوءِ نڪ ۾