Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

پاڻي وجھڻ پوءِ چهرو ۽ ٻيا عضوا ڌوئڻ جي ترتيب فالج جي روڪٿام لاءِ مفيد آهي، جيڪڏهن چهرو ڌوئڻ ۽ مسح ڪرڻ کان شروعات ڪئي وڃي ته جسم ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو۔ (وضو ۽ سائنس،ص۳)

جو ہیں بیمار صحّت کے طالب اُن پہ فرما کرم ربِّ غالِب

تجھ سے رَحم و کرم کی دُعا ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! وُضو ۾ ڪهڙن ڪهڙن مُوذِي مرضن جو علاج ۽ بيمارين کان شِفا رکي وئي آهي جو اڄ جي سائنس (Science) به هن جا طِبّي فائدا ۽ ثَمَرات کي بَيان ڪري رهي آهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هميشه باوُضو رهڻ جي عادت بڻايون ته جيئن هن جي بَرَڪت سان اسان کي به بيشمار دُنيوي ۽ اُخرَوِي فائدا ۽ ثَمَرات نصيب ٿين۔ ياد رهي! هميشه باوُضو رهڻ مُستَحَب ۽ اِسلام جي سُنَّت آهي۔ (فتاويٰ رضويه ،۱/۷۰۲ملخصاً) حديثِ پاڪ ۾ به هميشه باوُضو رهڻ جي ترغيب ۽ فضيلت موجود آهي، جيئن

هر وَقت باوُضو رهڻ جي فضيلت

نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سَيدُنا اَنَس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کي فرمايائون: پٽ! جيڪڏهن توهان هميشه باوُضو رهڻ جي اِستطاعت (طاقت) رکو ته ائين ئي ڪريو ڇوته مَلَڪ المَوت جنهن ٻانهي جو رُوح وُضو جي حالت ۾ قَبض ڪن ان جي لاءِ شهادت لکي ويندي آهي۔ (شُعَبُ الْاِيمان،۳/۲۹:حديث۲۷۸۳)

اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: بعض عارِفن (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهم اَجْمَعِين) فرمايو: جيڪو هميشه باوُضو رهي الله پاڪ ان کي سَتن فضيلتن جو شَرف عطا ڪندو: ]1[ ملائڪ ان جي صحبت ۾ رهڻ جي چاهت ڪندا ]2[ قلم ان جي لاءِ نيڪيون لکندو رهندو ]3[ ان جا عُضوا تسبيح ڪندا ]4[ ان جي تَڪبيرِ اُولي فوت نه ٿيندي]5[ جڏهن سُمهي ته الله ڪريم ڪجھ ملائڪ موڪليندو ته جيئن جِنن ۽ اِنسانن جي