Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

شر کان سندس حفاظت ڪن ]6[ موت جي سَڪرات ان تي آسان ٿيندي ]7[ جيستائين وُضوءَ سان رهندو الله پاڪ جي اَمان ۾ رهندو. (فتاويٰ رضويه،۱/۷۰۲)

حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نَعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ڪي صُوفي سڳورا (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهم اَجْمَعِين) فرمائن ٿا: پاڪ ڪپڙن ۾ رهڻ، پاڪ بستر تي سمهڻ (۽) هميشه باوُضو رهڻ، دل جي صفائي جو ذريعو آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۱/ ۴۶۸)

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”حافِظه ڪيسے مضبوط هو؟“ جي صَفحي نمبر 95 تي لکيل آهي: هر وَقت باوُضو رهڻ جي عادت بڻايو ڇوته باوُضو رهڻ سان جتي ٻيا بيشمار فائدا ۽ بَرڪتون حاصِل ٿين ٿيون اتي احساسِ ڪمتري کان به نجات ملندي آهي۔ (حافظه ڪيسے مضبوط هو؟،ص۹۵-۹۶)

باوُضو رهڻ جي عادت بڻائڻ ۽ ان تي اِستقامت جو هڪ بهترين ذريعو روزانه فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني اِنعامات جو رِسالو پُر ڪرڻ به آهي۔ شَيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه 72 مَدَني اِنعامات“ نالي پنهنجي رِسالي ۾ ڏينهن جو اڪثر حِصَّو باوُضو رهڻ جي ترغيب تي مُشتَمِل هڪ مَدَني اِنعام به شامل فرمايو آهي، جيئن

 مَدَني اِنعام نمبر39 آهي: ڇا اڄ اوهان ڏينهن جو اڪثر حِصَّو باوُضو رهيا؟

الله ڪريم اسان کي روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني اِنعامات جو رِسالو پُر ڪرڻ ۽ ڏينهن جو اڪثر حِصَّو با وُضو رهي ان جون بَرڪتون ماڻڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت     رہوں باوُضو میں سَدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور اسان روزانو ئي نمازن ۽ ٻين عبادتن کان پهريان وُضو ڪرڻ جي سَعادت حاصِل ڪندا آهيون پر شايد اسان ڪڏهن هن ڳالھ تي غور نه ڪيو هوندو ته آخر وُضو جي شروعات هٿ ڌوئڻ کان ئي ڇو