Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

ڪئي ويندي آهي؟۔ ته ياد رکو! عام طور اسان سڄي ڏينهن ۾ هن جي مدد سان پنهنجا ڪيئي ڪم سَرانجام ڏيون ٿا، جنهن سبب اسان جي هٿن ۾ مختلف قسم جا خطرناڪ جراثيم (Germs) لڳي ويندا آهن، جيڪڏهن انهن کي صاف سُٿرو نه رکيو وڃي ته هٿن ۾ لڳل جراثيم اسان جي مِعدي ۾ مُنتَقِل ٿي سگھن ٿا۔ وُضو ڪرڻ وَقت نِيت ڪرڻ ۽ بِسمِ الله شريف پڙھڻ کان بعد سڀ کان پهريان ٻنهي هٿن کي ڪراين تائين ٽي ٽي ڀيرا ڌوتو ويندو آهي، هن عمل جي بَرڪت سان اسان کي سُنّت تي عمل ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو آهي ۽ کوڙ بيمارين ۽ جراثيم کان به اسان جي حفاظت ٿي ويندي آهي، جيئن

هٿ ڌوئڻ جون حڪمتون

شَيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رِسالي ”وُضو ۽ سائنس“ جي صَفحي نمبر 10 تي لکن ٿا: هٿن سان مُختلِف ڪم ڪيا ويندا آهن جنهن جي ڪري مختلف شين ۾ هٿ وجهڻ سان هٿن ۾ مختلف ڪيميائي اجزا ۽ جراثيم لڳي ويندا آهن۔ جيڪڏهن سڄو ڏينهن هٿ نه ڌوتا وڃن ته جلد ئي اهي چمڙي جي هنن بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا؛ مثال طور؛ هٿن جون آرايون، چمڙي جي سوزش (يعني چمڙي جي سوڄ)، ايگزيما، سينور (اهي جراثيم جيڪي ڪنهن شيء تي سينور جيان ڄمي ويندا آهن) جون بيماريون، چمڙي جون رنگ بدلجڻ وغيره۔ جڏهن اسان هٿ ڌوئيندا آهيون ته آڱرين جي سَنڌن مان شعاع نڪري هڪ اهڙو حلقو ٺاهيندا آهن جنهن سان اسان جو اندروني برقي نظام مُتحَرڪ (Active) ٿي ويندو آهي ۽ هڪ حد تائين برقي لهر اسان جي هٿن ۾ سمٽجي ايندي آهي، جنهن سان اسان جي هٿن ۾ خوبصورتي پيدا ٿيندي آهي ۽ هٿ انهن شين سان ٿيندڙ اِنفيڪشن (Infection) کان محفوظ ٿي ويندا آهن۔ (وضو ۽ سائنس،ص۱۰ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسواڪ (ڏندڻ) به وُضو جي هڪ اهڙي بهترين سُنّت آهي