Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

جيڪا گھڻين حڪمتن سان ڀريل آهي ۽ هن ۾ ڪثير دُنيوي ۽ اُخروي فائدا ۽ ثمرات پوشيده آهن۔ عِلم وارن ته هن جا کوڙا فائدا ۽ فضيلتون ڪتابن ۾ لکيون ئي آهن پر جديد سائنس مسواڪ تي تحقيق ڪري هن جي باري ۾ اهڙا اهڙا انڪشاف ڪيا آهن جو ٻڌي عقل حيران رهجي ويندا آهن۔ اچو! اسان به مسواڪ جا ڪجھ دُنيوي ۽ اُخرَوِي فائدن (Benefits) جي باري ۾ ٻڌون ٿا،

مِسواڪ جون 25 بَرَڪتون

حضرت علَّامه سيد اَحمد طَحطاوِي حَنَفِي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه نَقل فرمائن ٿا:٭  مسواڪ (يعني ڏندڻ) کي لازم ڪري وٺو، ان کان غفلت نه ڪيو. ان کي هميشه ڪندا رهو ڇوته ان ۾ الله ڪريم جي خوشنودي آهي. ٭ هميشه ڏندڻ ڪرڻ سان رزق ۾ آساني ۽ برڪت رهندي آهي. ٭ مٿي جو سور ختم ٿيندو آهي. ٭ بلغم ختم ڪندو. ٭ نظر تيز ڪندو آهي. ٭ معدو درست رکندو آهي. ٭ جسم کي توانائي بخشيندو. ٭ حافظو (ياد داشت جي قوّت) مضبوط ڪندو آهي ۽ عقل کي وڌائي ٿو. ٭ دل کي پاڪ ڪندو آهي. ٭ نيڪين ۾اضافو ٿي ويندو آهي. ٭ فرشتا خوش ٿيندا آهن. ٭ ڏندڻ شيطان کي ناراض ڪري ڇڏي ٿو. ٭ کاڌو هضم ڪندو آهي. ٭ ٻارن جي پيدائش ۾ اضافو ٿيندو آهي. ٭ پوڙهائپ دير سان ايندي آهي. ٭ پٺيءَ کي مضبوط ڪندو آهي. ٭ بدن کي الله پاڪ جي اطاعت جي لاءِ قوّت ڏيندو آهي. ٭ نزع ۾ آساني ۽ ڪلمه شهادت ياد ڏياريندو آهي. ٭ قيامت ۾ عمل نامو سڄي هٿ ۾ ڏياريندو آهي. ٭ پل صراط کان بجلي وانگر پار ڪرائي ڇڏيندو. ٭ حاجتن جي پوري ٿيڻ ۾ ان جي امداد ڪئي ويندي آهي. ٭ قبر ۾ آرام ۽ سڪون ماڻيندو آهي. ٭ ان جي لاءِ جنّت جا دروازا کوليا ويندا آهن. ٭ دنيا مان پاڪ صاف ٿي ڪري رخصت ٿيندو آهي. ٭ سڀ کان وڏو فائدو هي آهي ته هن ۾ الله پاڪ جي رضا آهي.

(حاشيۃطحطاوي،ڪتاب الطهارۃ،ص۶۹ ملخصاً )

(مسواڪ شريف ڪے فضائل،ص۱۹)