Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

جي نهايت شاندار انداز ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آَهن. جنهن جو واضح ثبوت اوهان جون تاثير ڀريل تحريرون آهن، سنتن ڀريا بيان ۽ علم و حڪمت سان ڀرپور مدني مذاڪره آهن جو جيڪي ترجمهء قرآن ڪنز الايمان، فتاوي رضويه جا جزيات ۽ حدائق بخشش جي رقّت ۽ سوز ڀريل اشعارن سان مزّين هوندا آهن.

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ عقيدت ۽ محبت جو صدقو آهي جو اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي زندگي جو پهريون رسالو اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي باري ۾ لکيو، جنهن جو نالو ”تذڪرهء امام احمد رضا“ رکيو ۽ هي 25 صفر المظفر 1393 هه جو ”يومِ رضا“ جي موقعي تي جاري ڪيو.   

اعلیٰ حضرت سے ہمیں تو پیار ہے    اِنْ شَاۤءَ اللہ اپنا بیڑا پار ہے

شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي اعلٰي حضرت سان عقيدت جو اندازو هن ڳالهه مان به آساني سان لڳائي سگهجي ٿو جو پاڻ پنهنجي مدني مذاڪرن ۽ ملاقات جي لاءِ اچڻ وارن عالمن ۽ مفتين سڳورن، جامعات المدينه جي طالبن ۽ عام ماڻهن کي مسلڪِ اعلٰي حضرت تي قائم رهڻ ۽ امام اهلسنت جي ڪا ڳالهه سمجهه نه اچڻ جي صورت ۾ اختلاف نه ڪرڻ جي تاڪيد فرمائيندا آهن، هڪ ڀيري ارشاد فرمايائون: اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اقُول(يعني فرمان) تي اسان جون عقُول(يعني عقلون) قربان. اعلٰي حضرت جو (هر) اقُول اسان کي قبول(آهي). هڪ ڀيري جامعات المدينه جي تخصص في الفقه (مفتي ڪورس) جي طالبن کي ارشاد فرمايائون: ته اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيڪي وليُ اللہ ، سچا عاشقِ رسول ۽ اسان جا مُسَلّمه بزرگ آهن، هن جي عقيدت کي دل جي گهرائي جي اندر سنڀالي رکڻ بيحد ضروري آهي. اللہ  پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ برڪت نشان آهي. اَلْـَـبرْکَةُ مَعَ اَکَـابِـرِ کُمْ يعني برڪت توهان جي بزرگن سان گڏ