Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

خود هلڻ لائق ٿيا ته اهو سلسلو ختم ٿيو۔ اعليٰ حضرت جي نماز ته نماز آهي سندن جماعت جو ترڪ به بلاعُذرِ شرعي شايد ڪنهن شخص کي ياد نه هوندو۔

(فيضان اعلي حضرت ، ۱۳۶)

اس کی ہستی میں تھاعمل جوہر   سنّتِ مصطفٰے کا وہ پیکر

عالمِ   دین  ،صاحبِ تقویٰ            واہ  کیا  بات اعلی ٰحضرت  کی

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نمازِ باجماعت سان محبت ۽ جذبو ملاحظه ڪيو ته پير ۾ شديد زخم سبب هلڻ ۾ دُشواري آهي، پوءِ به مسجد ۾ وڃي نمازِ باجماعت ادا ڪري رهيا آهن۔ پر بعض نادان مسلمان نماز جي وقتن ۾ گهٽي جي ڪُنڊن ۽ چوڪن ۽ دڪانن تي ويهي فضول ڳالهين ۾ مشغول رهندا آهن، دڪاندارن ۽ دفترن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي لاپرواهي جو اهو عالم آهي جو اَذانون ٿي وينديون آهن، مسجدن ۾ جماعت به خَتم ٿي ويندي آهي ايستائين جو مَصروفيت جي نالي تي نماز جو وقت به گذاري ڇڏيندا آهن پر انهن کي ٿورو اِحساس تائين ناهي ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو نماز پڙھن ٿا يا ته بغير جماعت جي پڙھن ٿا يا پوءِ گھر ۾ ئي پڙھي وٺندا آهن۔ جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي دنيوي نفعي جو لالچ ڏئي اهو چيو وڃي ته اوهان وٽ جيڪو مال آهي، اهو هتي ته هڪ روپيي جو وڪامندو پر ان کي سمُنڊ پار وڃي يا ٻي شهر وڃي وڪڻيو وڃي ته 27 روپين ۾ وڪامندو ته شايد هر شخص سمُنڊ پار وڃي ئي پنهنجي مال وڪڻڻ کي ترجيح ڏيندو ڇوته 27 گُنا نفعو ڇڏڻ ڪو به پسند نه ڪندو۔ پر تَعَجُّب آهي اهڙن مسلمانن تي جيڪي مال وڪڻڻ ۽ مال ڪمائڻ خاطر ته ڪيئي ڪيئي ڪلاڪن جو سفر ڪري وٺندا آهن پر ڪجھ قَدَم هلي مسجد ۾ باجماعت نماز اَدا ڪرڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، 27 گُنا ثواب ڪمائڻ جي ڪنهن کي پرواھ ئي ناهي، حالانڪه اسان جا هٿ پير سَلامت آهن، اچ وڃ ۾ به ڪا دُشواري نه آهي مسجدون اسان جي گھرن جي ويجھو مَوجُود