Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

آهن جيڪڏهن ٿورو پري به هجن ۽ پيدل وڃڻ ۾ سُستي ٿئي ته گاڏي، موٽر سائيڪل (Motorcycle) جي ذَريعي وڃڻ جي ترڪيب ٿي سگھي ٿي پر پوءِ به اسان نَفس ۽ شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي فَقط غَفلَت ۽ سُستي جي ڪري باجماعت نماز جو ثواب ڇڏي ڏيون ٿا۔ اهڙن ماڻهن کي گھرجي ته ڌيان سان اها حديثِ پاڪ ٻڌن ۽ بار بار هن تي غور ڪن ۽ عبرت جا مدني گل وٺي سُستي ۽ غفلت کان جان ڇڏائيندي نمازِ باجماعت جي پابندي جو ذهن ٺاهين۔

رحمت واري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪجهه نمازن ۾ ڪجھ ماڻهن کي غير حاضِر ڏٺائون ته اِرشاد فرمايائون: مان چاهيان ٿو ته ڪنهن شخص کي حڪم ڏيان ته اهو نماز پڙھائي، پوءِ مان انهن ماڻهن ڏانهن وڃان جيڪي نمازِ (باجماعت) کان پوئتي رهجي ويندا آهن ۽ انهن تي انهن جا گھر ساڙي ڇڏيان۔ (مسلم، ڪتاب المساجد۔۔۔الخ،باب فضل صلاۃ الجماعۃ وبيان التشديد۔۔۔الخ، الحديث:۱۴۸۱، ص۲۵۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي پنهنجي اُمَّت سان بيحد مَحَبَّت ڪن ٿا ۽ سڄي سڄي رات اُمَّت جي بخشش ۽ مغفرت جي لاءِ لڙڪ وهائن ٿا، اهڙا شَفيق ۽ ڪريم آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ شانِ جَلال ۾ فرمايو: جيڪي ماڻهو جماعت سان نماز نٿا پڙھن، منهنجي دل چاهي ٿي ته انهن جي گھرن کي باھ لڳائي ڇڏيان۔ ياد رهي! هن واقعي مان ڪو اهو نه سمجھي ته مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جماعت سان نماز نه پڙھندا هئا، مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الاُمَّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن ڳالھ جي وَضاحت ڪندي لکن ٿا: هتي گفتگو جو رخ مُنافقن ڏانهن آهي، ڇوته ڪو به صَحابي بِلاوجه جماعت ۽ مسجد جي حاضري نه ڇڏيندو هو۔

(مراٰۃ المناجيح، ۲/۱۶۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي مسجد ڀريو تحريڪ آهي ۽ هي چاهي ٿي ته ڪنهن نموني اُمَّتِ مُسلمه جو ٻچو ٻچو پڪو نَمازي بڻجي