Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

کوڙ جامعات المدينه (للبنين و للبنات) مدارس المدينه (للبنين و للبنات) ۽ دارالمدينه (للبنين و للبنات) قائم ڪيا آهن.

(1)    طالبن کي وظيفه ملن جو ڪنهن به طرح انهن ۾ شوقِ علمِ دين پيدا ٿئي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي رهائشي طالبن کي اعلٰي تعليمي نظام سان گڏو گڏ انهن کي کائڻ پيئڻ جي ضروريات ۽ رهائش جون بهترين سهولتون ڏيندي آهي، جڏهن ته تخَصُّصُ فِي اللُّغةِ العَرَبِيّہ(عربي لينگويج ڪورس) ۽ انگلش لينگويج ڪورس ڪرڻ وارن سمورن طالبن جي خدمت ۾ هنن سهولتن جي علاوه 3600 روپيه بطور وظيفو پيش ڪندي آهي.

(2)    سٺي ڪارڪردگي تي مدرّسن کي وڌيڪ تنخواهون ڏنيون وڃن ته جيئن گهڻي ڪوشش ڪن.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسن جي تنخواهن جي باري ۾ اعلٰي حضرت جي بيان ڪيل هن اصول تي عمل ڪندي دعوت اسلامي مدرسن کي سٺيون تنخواهون، سالانو اضافو ۽ بونس ڏيڻ جو اهتمام ڪندي آهي.

(3)    طالبن جي تبيعت کي پرکيو وڃي، جيڪو جنهن ڪم جي وڌيڪ مناسب ڏٺو وڃي، ان کي بهترين وظيفو ڏئي ان ڪم ۾ لڳايو وڃي. ائين انهن ۾ ڪجهه مدرس، ڪجهه مبلغ، ڪجهه مصنف، ۽ مناظر بڻايا وڃن پوءِ تصنيف ۽ مناظري ۾ به تقسيم ڪاري هجي، ڪو ڪنهن فن تي ڪو ڪنهن فن تي (مهارت حاصل ڪري) ۽

(4)     انهن مان جيڪي تيار ٿيندا وڃن تنخواهون ڏئي ڪري ملڪ ۾ ڦيلايا وڃن جو تحرير، تقرير، وعظ ۽ مناظري جي ذريعي دين ۽ مذهب کي ڦيلائن.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي جي مدرسن ۽ جامعات وغيره ۾ علمِ دين حاصل ڪرڻ وارا طلبه ڪرام، علمي مشغوليت مان فارغ ٿيڻ کان فورا بعد