Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

مختلف شعبن ۾ مقرر ڪيا ويندا آهن. گهڻن طالبن کي اعلٰي صلاحتن جي ڪري تعليم جي آخري مرحلن مان ئي تدريس، دارالافتا يا خدمتِ دين جي ڪنهن ٻئي شعبي لاءِ چونڊيو ويندو آهي، بعض مدرسن ۽ مدني عالمن کي مختلف ملڪن ۾ به موڪلڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي.

(6) تصنيف جي قابليت رکڻ وارن کي نذرانه ڏئي ڪري انهن کان مذهب جي حمايت ۽ بدمذهبن جي رد ۾ مفيد ڪتاب ۽ رسالا تصنيف ڪرايا وڃن. ۽

(7)  تصنيف ڪيل رسالا سٺي نموني ڇپائي ملڪ ۾ مفت شايع ڪيا وڃن.

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هنن ٻنهي اصولن تي عمل ڪندي المدينة العلميه جي صورت ۾ ڪم و پيش يارنهن سالن کان تحرير ۽ تصنيف جو ڪم خوبصورت انداز ۾ ڪري رهي آهي هن مختصر عرصي ۾ هزارين ڪتاب ۽ رسالا مڪتبة المدينه جي تعاون سان شايع ٿي ڪري  منظر عام تي اچي چڪا آهن.

(8) هر شهر ۾ توهان جا نگران هجن، جتي جنهن قسم جا مبلغ يا مناظر يا تصنيف جي حاجت هجي توهان کي اطلاع ڏين. توهان دشمنِ اسلام جي مقابلي ۾ پنهنجا عالم، ميگزين ۽ رسالا موڪليندا رهو.

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! خدمتِ دين ۽ فروغِ علمِ دين جي سلسلي ۾ هن اصول تي به دعوت اسلامي ڪافي حد تائين عمل ڪري رهي آهي جنهن جو هڪ مثال دعوت اسلامي جي ملڪ ۽ بيرون ملڪ سنتن جي خدمت جي لاءِ سفر ڪرڻ وارا مدني قافلا ۽ دعوت اسلامي جا مبلغ ۽ اراڪينِ شورٰي جا وقت به وقت نيڪي جي دعوت جي خاطر دورا به آهن. ان کان علاوه اندرونِ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي وڏي پيماني تي ڪتاب ۽ رسالا به پهچايا پيا وڃن.

(9) ۽ جيڪو اسان مان(ديني) ڪم جي قابل موجود هجن پر پنهنجي ڪم ڪار