Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

۾ مشغول آهن، وظيفه مقرر ڪري انهن کي معاشي فڪرن سان آزاد ڪيو وڃي ۽ جنهن (ديني) ڪم ۾ ان کي مهارت هجي اهو ڪم ڪرايو وڃي.

 

(10) مذهبي اخبار شايع ٿئي ۽ وقت به وقت هر قسم جا مذهب جي حمايت ۾ مضمون سڀني ملڪن ۾ قيمت ۽ بغير قيمت جي روزانو يا گهٽ مان گهٽ هفته وار پهچائيندا رهو.(فتاوي رضويه، 29/599) 

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي هن اهم نڪتي تي عمل ڪندي”مدني چينل“ ۽ ”آئي ٽي“ جي ذريعي اليڪٽرانڪ ميڊيا جڏهن ته ٻين ڪتابن ۽ رسالن جي اشاعت سان گڏو گڏ ”ماهنامه فيضانِ مدينه“ (دعوت اسلامي) جي اشاعت جي صورت ۾ پرنٽ ميڊيا جا جديد ذرائع به استعمال ڪيا آهن.

اللہ  ڪريم اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي طفيل عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ         

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭      اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏيندا هئا۔

٭  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسلمانن سان شفقت ۽ نرمي وارو ورتاءُ ڪندا هئا۔

٭  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه غريبن جي دل کولي مدد ڪندا هئا۔

اللہ  ڪريم اسان کي به اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نَقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمين بِجاه النَّبِي الْاَمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد