Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

جو علم ۽ مطالعو تزڪيه نفس ۽ دل جي اصلاح جو باعث ٿئي۔ (ايضاً،ص۳۲) ٭ قوت حافظه جي لاءِ جتي ٻيون دوائون استعمال ۽ وظيفا ڪيا ويندا آهن اتي هڪ دوا مطالعو به آهي۔ (ايضاً،ص۳۶) ٭ ڪوشش ڪريو ته ڪتاب هر وقت گڏ رهي ته جتي موقعو ملي ڪجھ نه ڪجھ مطالعو ڪيو وڃي ۽ ڪتاب جي صحبت به ميسر رهي۔ (ايضاً،ص۳۶)  ٭مطالعو ڪرڻ کان بعد تمام مطالعي کي شروع کان آخر تائين سرسري نظر سان ڏٺو وڃي ۽ ان جو هڪ خلاصو پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪيو وڃي۔ (ايضاً،ص 112) ٭ پنهنجو اِحتِساب ڪرڻ به فائديمند آهي ته مون کي هن مطالعي مان ڇا حاصل ٿيو ۽ ڪهڙو مواد ذهن نشين ٿيو ۽ ڪهڙو نه۔ (ايضاً،ص 112) ٭ ڪنهن ڳالھ کي ياد ڪرڻ جي لاءِ اکيون بند ڪري يادداشت تي زور ڏيڻ مفيد آهي۔ (ايضاً، ص 117) ٭ جيڪو مطالعو ڪريو ان کي چڱين نيتن سان پنهنجي گھر وارن ۽ دوستن کي ٻڌايو اهڙي نموني به معلومات جو ذخيرو گھڻي عرصي تائين اسان جي دماغ ۾ محفوظ رهندو۔ (ايضاً، ص112) ٭ جيڪو ڪجھ پڙھون ان جي دهرائي (Repeat) ڪندا رهو۔ (ايضاً،ص 112) ٭ شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه مدَني مذاڪرن ۾ علمِ دين جا رنگ برنگي مدني گل ارشاد فرمائن ٿا هنن مدني مذاڪرن جي برڪت سان پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ، ان کي ٻين تائين پهچائڻ ۽ مزيد مطالعو ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي۔ (ايضاً،ص 115)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد