Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

اها آهي جو لفظي ترجمو هئڻ سان گڏو گڏ با محاورو به آهي ۽ هي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ترجمي جي تمام وڏي خوبي آهي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ترجمو ڪرائڻ وقت هن ڳالهه جو خاص خيال رکيو آهي ته ترجمو لغت جي مطابق هجي ۽ الفاظ جي مختلف معنٰي مان اهڙي معنٰي جو انتخاب ڪيو وڃي جيڪا پهرين ۽ بعد واري آيت جي تعلق کي قائم رکي سگهي. هن ترجمي سان قرآني حقائق، علم ۽ معرفت جا اهي پوشيده راز ظاهر ٿين ٿا جيڪي عام طور تي ٻي ترجمي سان واضح نه ٿا ٿين اعليٰ حضرت،امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ترجمي جي هڪ ظاهر خاصيت هي به آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هر مبارڪ مقام تي انبياء ڪرام عَلَیْہِمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي ادب ۽ احترام ۽ عزت ۽ پاڪدامني جو خاص لحاظ رکيو آهي.(فيضان اعلٰي حضرت، ص 476) ترجمهء ڪنزالايمان علم ۽ حڪمت جو خزانو ۽ ايمان جي حقيقي دولت آهي. ترجمهء ڪنزالايمان ۾ احاديث مبارڪه، تابعين و تبع تابعين جا اقوال ۽ سلف ۽ سالحين رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْہُم اَجْمَعِیْن جي قابل احتماد تفسيرن جو خلاصو به موجود آهي. ترجمهء ڪنزالايمان دنيا جو بهترين ترجمهء قرآن آهي، جيڪو ڪنهن لائبريري ۾ ويهي يا ڪنهن ٻي ترجمي کي ڏسي يا تفسيرن ۽ حديثن يا لغتن جي ڪتابن کي پڙهي ڪري ناهي ڪيو ويو بلڪ زباني لکرايو ويو آهي. (ماهنامه معارف رضا، ص 87، ڪراچي سيپٽمنبر کان نومبر2008 عيسوي)

خدمت قرآنِ پاک کی وہ لاجواب کی     راضی رضا سے صاحبِ قرآں ہے آج بھی

احمد رضا کا تازہ گُلستاں ہے آج بھی        خورشیدِ علم اُن کا دَرخشاں ہے آج بھی

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينا قرآن ڪريم هڪ مڪمل ضِابطه حيات ۽ سلامتي ۽ امن سان زندگي گزارڻ وارن دنيا جي سمورن مسلمانن جي لاءِ راهه هدايت جو حقيقي چراغ آهي، جنهن جي مفهوم ۽ مطلب کي سمجهڻ جي لاءِ هن جو آسان ترجمو هئڻ ضروري آهياَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ قرآنِ ڪريم جي رائج