Ala Hazrat Ka Kirdar

Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

تعليم ڏي ٿو، ان ڪري پاڻ خيرخواهي ڪندي خوشي خوشي پنهنجي ذات تي ٻين مسلمانن کي ترجيح ڏني۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي ”جيڪو شخص ڪنهن شيءَ جي خواهش رکي ٿو، پوءِ ان خواهش کي روڪي پاڻ تي (ٻئي کي) ترجيح ڏي، ته اللہ  پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي۔“ (جمع الجوامع للسيوطي ،حرف الهمزه،۳/۳۸۴حديث :۹۵۷۲ )

اميرِاهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تاليف ”فيضانِ سُنَّت“ ۾ پنهنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏيڻ جي باري ۾ هڪ نهايت ئي خُوبصورت حڪايت نقل ڪن ٿا۔

حَضرتِ سيدُنا داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون شيخ احمد حمّادي سَرخَسي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان سندن توبهه جو سبب پُڇيو ته چوڻ لڳا، هڪ ڀيري آءُ پنهنجي اُٺن کي وٺي ”سرخَس“ کان روانو ٿيس. سفر دؤران جهنگ ۾هڪ بُکايل شينهن منهنجو هڪ اُٺ زخمي ڪري ڪيرائي وڌو ۽ وڏي دڙي تي چڙهي آواز ڪرڻ لڳو، ان جو آواز ٻُڌندي ئي گهڻا درندا گڏ ٿي ويا شينهن هيٺ لٿو ۽ ان انهيءَ زخمي اُٺ کي چيري ٽڪرا ڪيو پر پاڻ ڪجهه نه کاڌائين بلڪ ٻيهر ان دڙي تي وڃي ويٺو، گڏ ٿيل درندا اُٺ تي ڪڙڪي پيا ۽ کائي هليا ويا، باقي بچيل گوشت کائڻ جي لاءِ شينهن ويجهو آيو ته هڪ منڊي لومڙي پري کان اچڻ لڳي، شينهن واپس پنهنجي جاءِ تي هليو ويو. لومڙي ضرورت موجب کائي جڏهن هلي وئي تڏهن شينهن ان گوشت مان ٿورڙو کاڌو. مان پري کان هي سڀ ڪجهه ڏسندو رهيس، اوچتو شينهن مون ڏانهن رخ ڪيو ۽ صاف لفظن ۾ چوڻ لڳو، ”احمد! هڪ گرهه جو ايثار ته ڪُتن جو ڪم آهي راههِ حق جا مرد ته پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا آهن.“ مون هن انوکي واقعي کان متاثر ٿي پنهنجي تمام گناهن کان توبهه ڪئي ۽ دنيا کان پاسو ڪري پنهنجي اللہ  پاڪ سان دل لڳائي.“ (ڪشف المحجوب،باب في فرق فرقھم في مذاهبھم الخ، ص ۲۰۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو! بُکايل شينهن پنهنجو شڪار ٻين جانورن