Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

هزار (70,000) حديثن جا حافِظ اوهان ئي آهيو؟ اهو ٻڌي امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عَرض ڪيو: جي ها! مان ئي اهو حافِظ آهيان، بلڪ مون کي هن کان به وڌيڪ حديثون ياد آهن ۽ جن صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان ۽ تابِعين کان مان حديث رِوايت ڪيان ٿو ان مان اڪثرن جي تاريخِ پيدائش، رهائش ۽ تاريخِ وِصال جي به ڄاڻ رکان ٿو۔

                                           (ارشاد الساري،ترجمۃ الامام البخاري،۱/۵۹)

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُبحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ ! ٻڌو اوهان! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو حافِظو ڪيترو شاندار هو، پاڻ ننڍپڻ ئي ۾ نه صِرف سَتَّر هزار (70,000) کان وڌيڪ حديث سڳورين کي حِفظ ڪيائون بلڪ انهن حديثن کي روايت ڪرڻ وارن اڪثر بُزرگن جي تاريخِ پيدائش، رهائش ۽ تاريخِ وِصال کي به ياد ڪري ورتائون، بِلا شُبه اهو اللہ  پاڪ جي خاص فَضل و اِحسان ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصي فيضان جو ڪمال هو جو ماڻهو سندن حافِظي واري قُوَّت جي ساراھ ڪندا هئا، جڏهن ته اڄ اسان جا حافِظا ڪمزور(Weak) ٿيندا پيا وڃن، اسان کي ته گذريل ڪل جون معمولي ڳالهيون به ياد نٿيون رهن، عيسوي مهينا ۽ اُنهن جون تاريخون ته ياد رهن ٿيون پر افسوس! مَدَني يعني قَمري مهينن ۽ اُنهن جي تاريخن کان بي خَبر رهندا آهيون، شين جي حِساب ڪتاب ۾ اَڪثر پريشاني جو شڪار ٿي ويندا آهيون، نمازن جي رَڪعتن جي باري ۾ شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويندا آهيون ته خبر ناهي ڪيتريون پڙهيون ۽ ڪيتريون باقي رهجي ويون، ڪنهن ڪتاب يا رِسالي کي ڪيئي ڪيئي ڀيرا پڙھڻ جي باوُجود به ان جو مَضمون يا مسئلا اسان جي دل و دماغ ۾ محفوظ نٿا رهن۔ بهرحال جيڪڏهن اسان پنهنجي حافِظي کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، ويسر جي بيماري کان نجات چاهيون ٿا، حافِظي کي مضبوط بڻائڻ جا طريقا ڄاڻڻ