Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

چاهيون ٿا ۽ ويسر جي بيماري پيدا ڪرڻ وارن سببن جي باري ۾ معلومات حاصِل ڪرڻ چاهيون ٿا ته هن جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”حافِظو ڪيئن مضبوط ٿئي؟“ جو مُطالَعو ڪريو۔

دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي پڙھي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪو شخص پنهنجي ڪنهن ڪارنامي سبب عوام ۽ خواص ۾ مشهور ٿي ويندو آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ”ڪجھ“ سمجھڻ لڳندو آهي، ٻين کي حَقارت جي نظر سان ڏسندو آهي، پنهنجو ڪم ڪار پنهنجن هٿن سان ڪرڻ ۾ شرم ۽ ذِلَّت محسوس ڪندو آهي، دُنيوي حِرص و لالچ ۽ مزيد شهرت جو ڀُوت اُن تي سُوار ٿي ويندو آهي ۽ دُنيوي لذتن جو شيدائي ٿي فِڪرِ آخرت کان غافِل ٿي ويندو آهي۔ پر قُربان وڃجي امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي! ايترو وڏو مُحَدِّث هئڻ جي باوُجود غُرور ۽ تَڪبُّر کي ڪڏهن پنهنجي ويجھو نه اچڻ ڏنائون، بلڪ نِوڙت ۽ عاجِزي کي اختيار ڪيائون، عَمَلي طور تي سادگي اپنائي ۽ طالبِ عِلمي واري دور کان ئي زُهد و قَناعت کي اِختيار ڪيائون،

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عاجزي ۽ انڪساري

سندن خُصوصي شاگِرد محمد بن حاتِم وَرَّاق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بَيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيرو امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بُخارا جي ويجھو مسافر خانو بڻائي رهيا هئا، خادم ۽ عقيدت مَند حضرات به پاڻ سان گڏ هئا پر ان جي باوُجود پاڻ پنهنجي هٿن سان سرون کڻي کڻي ديوار ۾ لڳائي رهيا هئا، مان اڳتي وڌي