Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

عرض ڪيو: اوهان ڇڏيو اهي سرون مان لڳايان ٿو، اِرشاد فرمايائون: قِيامت جي ڏينهن اهو عمل مون کي فائدو ڏيندو۔ (ارشاد الساري،ترجمۃ الامام بخاري،۱/۶۵)

فخرو غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا     یارب! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجِزی کا

سُڪل ماني کاڌائون

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه طلبِ عِلم جي دوران بعض اوقات سُڪل گاھ کائي به وَقت گذاريو، ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ عام طور تي صِرف ٻه يا ٽي بادام کائيندا هئا۔ هڪ ڀيرو بيمار ٿي پيا، طبيبن (يعني ڊاڪٽرن) ٻڌايو ته سُڪل ماني کائڻ جي ڪري سندن آنڊا سڪي ويا آهن، ان وَقت پاڻ ٻڌايائون ته هو 40 سال (Forty Years) کان سڪل ماني کائي رهيا آهن ۽ ان عَرصي ۾ ٻوڙ کي بلڪل به هٿ نه لڳايون۔   (تذڪرۃ المحدثين،ص۱۸۲)

لُوٹ لے رَحمت ، لگا قُفلِ مدینہ پیٹ کا

پائے گا جنّت ، لگا قُفلِ مدینہ پیٹ کا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اللہ  وارن ۾ عِلم حاصل ڪرڻ جو ڪيترو زَبَردَست مَدَني جَذبو هوندو هو جو سالن کان بغير ٻوڙ جي سُڪل ماني کائي به وڏي ذَوق ۽ شَوق سان عِلمِ دين سکڻ ۾ مشغول رهندا هئا، جڏهن ته اڄ اسان جو معاشرو دُنيوي عُلوم و فُنون جي ڊگرين ۽ مال ميڙڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي، پر دِيني مدرسن ۽ جامِعات ۾ بهترين ۽ مفت سهولتن جي باوُجود پِڙھڻ وارن جو تعداد تمام گھٽ نظر ايندو آهي ۽ حال هي آهي جو اسان جي اَڪثريت شريعت جي بنيادي فرضن ۽ واجبن کان غافل نظر ايندي آهي، جيئن ته

تفسير صِراطُ الجِنَان ۾ آهي: عِلمِ دين سکڻ صِرف ڪنهن هڪ خاص گِروه جو ڪم ناهي بلڪه پنهنجي ضرورت جي مطابِق عِلم سکڻ هر مسلمان تي فَرض آهي۔ پر نهايت افسوس جي ڳالھ آهي جو اڄ مسلمانن جي اڪثريت