Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

عِلمِ دِين کان پري نظر ايندي آهي۔ نمازين کي ڏسون ته چاليھ (40) چاليھ (40)

 سال نماز پڙھڻ جي باوُجود حال اهو آهي جو ڪنهن کي وُضو ڪرڻ ناهي ايندو ته ڪنهن کي غُسل جو طريقو معلوم ناهي، ڪو نماز جي فرضن کي صحيح طريقي سان ادا نٿو ڪري ته ڪو واجبات کان جاهل آهي، ڪنهن جي قراءت دُرُست ناهي ته ڪنهن جو سجدو غلط آهي۔ اهو ئي حال ٻين عبادتن جو آهي خاص ڪري جن ماڻهن حج ڪيو هجي ان کي خبر آهي ته حج ۾ ڪيتري قدر غَلَطيون ڪيون وينديون آهن! هنن ۾ اڪثريت اُنهن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي اهو چوندي نظر ايندا آهن ته بس حج لاءِ هلجي جيڪو ڪجھ ماڻهو ڪري رهيا هوندا اهو ئي اسان به ڪري وٺنداسين۔ جڏهن عبادتن جو هي حال آهي ته ٻين فَرض عُلوم جو حال ڇا هوندو؟ ائين ئي حَسَد، بُغض، ڪينو، تَڪبُّر، غِيبَت، چُغلي، بُهتان ۽ خبر ناهي ڪيترا اهڙا معاملا آهن جن بابت مسئلن جي ڄاڻ فَرض آهي پر هڪ وڏي تعداد کي انهن جي تعريف بلڪه اِنهن جي فَرضِيت تائين جي خبر ناهي هوندي۔ هي اهي شيون آهن جن جو گناھ هئڻ عام طور ماڻهن کي خبر هوندي آهي ۽ اهي شيون جن جي باري ۾ بلڪل بي خَبر آهن جيئن خريدوفروخت، مُلازَمَت، مسجد مَدرَسو ۽ ٻيون کوڙ اهڙيون شيون آهن جن جي باري ۾ ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته هنن جا به ڪجھ مسئلا آهن، بس هر پاسي انڌيرو ئي انڌيرو آهي، اهڙي صورت ۾ هر شخص تي ضروري آهي پاڻ به عِلمِ دين سکي ۽ جن تي ان جو وس هلندو هجي انهن کي به عِلم دين سکڻ ڏانهن آڻي ۽ جن کي پاڻ سيکاري سگھي ٿو انهن کي سيکاري۔ جيڪڏهن تمام والِدين پنهنجي اَولاد کي ۽ تمام استاد پنهنجي شاگردن کي ۽ تمام پير سڳورا پنهنجن مُريدن کي ۽ تمام اَفيسر ۽ صاحِبِ اِقتدار حضرات پنهنجن ماتحتن کي عِلمِ دين ڏانهن لڳائن ته ڪجھ ئي عرصي ۾ هر پاسي دِين ۽ عِلم جي روشني عام ٿي ويندي ۽ ماڻهن جا مُعامَلا