Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

خُود بخود شريعت جي مطابق ٿيندا ويندا۔ فِي الوَقت جيڪا نازڪ صورتِ حال

 آهي هن جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته هڪ ڀيري سُونارن (جيولرز) جي هڪ وڏي تعداد کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو جڏهن اُنهن کان تفصيل سان انهن جو ڪاروباري طريقو معلوم ڪيو ويو ته واضِح ٿيو ته هن وَقت سون چاندي جي تجارت جو جيڪو طريقو رائج آهي، اهو تقريبا اَسِّي فيصد خلافِ شريعت آهي ۽ حقيقت اها آهي جو اسان جو ٻيو واپار ۽ مُلازَمتون به ڪجھ هن قسم جي صورتِ حال جو شڪار آهن۔ جڏهن مُعامَلو ايترو نازُڪ آهي ته هر شخص پنهنجي ذِمَّه داري کي محسوس ڪري سگھي ٿو، ان ڪري هر شخص تي ضروري آهي ته عِلمِ دين سکي ۽ وس آهر ٻين کي سيکاري يا هن راھ تي لڳائي۔ (صراط الجنان،٦/٢٩٠)

عِلْم حاصِل کرو جہل زائل کرو    پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعامات“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُصولِ عِلم جو جذبو وڌائڻ ۽ فَرض ۽ واجب عُلُوم جي اَهمِّيت کي دل ۽ دماغ ۾ ويهارڻ جو هڪ بهترين ذريعو عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ به آهي۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذِمَّه دار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔

٭اَلحَمدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن سان