Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

اَميرِ اَهلسُنّت دَامَت بَـرَکاتُهمُ العَالِيه تمام گھڻا خوش ٿيندا آهن ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت هٿ ايندي آهي،٭مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو Gift)) بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجمَعِين جي ياد ڏياريندو آهي،٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجن عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌو، جيئن ته

روزانو فڪرِ مد ينه ڪرڻ جو اِنعام

هڪ اسلامي ڀاءُ مَدَني قافِلي ۾ سفر تي هو۔ ان دَوران اُن تي ڪرم جو دروازو کلي ويو۔ ٿيو ائين جو رات جو جڏهن سُتو ته ان جا ڀاڳ کلي پيا، ڇا ٿو ڏسي ته جنابِ رِسالت مَآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف فرما ٿيا آهن۔ اڃا جلون ۾ ئي گُم هو جو چپ مبارڪن کي جُنبِش ٿي، رَحمت جي گلن جي ورکا ٿي ۽ لفظ ڪجھ ائين تَرتِيب ۾ آيا: ”جيڪي مَدَني قافِلي ۾ روزانو فڪرِ مدينه ڪن ٿا مان انهن کي پاڻ سان گڏ جَنَّت ۾ وٺي ويندس۔“

مِرے تم خَواب میں آؤ، مِرے گھر روشنی ہوگی    مِری قسمت جگا جاؤ، عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے، تو میری عِیْد ہوجائے     تِرا دِیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر    بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حديث مُبارڪه جي تَعظِيم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته جنهن سان عشق