Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

ٿيندو آهي ان سان نسبت رکندڙ هر شيء سان به عشق ٿي ويندو آهي۔ مثال طور محبوب جي گھر، ان جا در و ديوار ايستائين جو محبوب جي گهٽي علائقي تائين کان عقيدت جو تَعَلُّق (Relation) قائم ٿي ويندو آهي۔ پوءِ ڀلا جيڪو عشقِ نبي ۾ گم ٿي چڪو هجي اهو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت جي ڪري سندن حديث سڳورين سان مَحَبَّت ڇو نه رکندو ۽ ڇو نه اُنهن جو ادب ڪندو۔ اَلحَمدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شُمار به اُنهن باڪمال هستين ۾ ٿيندو آهي جيڪي فَنَا فِي الرَّسُول جي منصبِ عظيم تي فائز ۽ بلڪل ادب و تعظيم جا پيڪر هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ادب و تعظيم جو دامن پڪڙي عشقِ مُصطَفٰي جي گهري سَمُنڊ ۾ غوطو هڻي لکين حديث سڳورين مان ”صحيح بُخاري“ جي صورت ۾ صحيح ترين احاديثِ مبارَڪه جو قيمتي خزانو گڏ ڪري اُمّتِ سَرڪار کي عطا فرمايو۔ اچو! هن مبارَڪ ڪتاب جو شان ۽ عظمت ٻُڌو ۽ خوش ٿيو،

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو حديث لکڻ جو انداز

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اَلحَمدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مون ”صحيح بُخاري“ ۾ تقريبا ڇھ هزار (6000) حديثون لکيون آهن، هر حديث کي لکڻ کان پهريان غُسل ڪري، ٻه رَڪعَت نفل نماز ادا ڪندو هئس پوءِ اِستخارو ڪندو هئس، جڏهن ڪنهن حديث جي صِحَّت تي دل بيهندي هئي ته ان کي ڪتاب ۾ لکندو هئس۔                  (هدي الساري، مقدمۃ، ۱/ ۱۰) (نزهۃ القاري،ص۱۳۰)

ڇھ لک حديثن جا حافظ

هڪ ٻي هنڌ تي فرمائن ٿا: مون کي ڇھ لک حديثون ياد آهن، جن مان چونڊي چونڊي سورهن (16) سالن ۾، مون هن جامع (بخاري) کي لکيو آهي، مون هن کي پنهنجي ۽ اللہ  پاڪ جي وچ ۾ دليل ٺاهيو آهي۔(مقدمه فتح الباري،ص۱۰)