Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ صِرف صحيح اَحاديث داخِل ڪيون آهن ۽ جن حديثن کي مون هن خيال سان ته ڪتاب وڏو ٿي ويندو ڇڏي ڏنو اهي هن کان تمام گھڻيون آهن۔     (نزهۃ القاري،ص۱۳۰)

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٻيا به کوڙ ڪتاب([1]) لکيا آهن پر صحيح بخاري شريف امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو اهو عظيم ڪارنامو آهي جنهن نه صِرف عوام و خواص ۾ مقبوليت جي معراج ماڻي بلڪه بارگاھ رسالت مان به ان کي مقبوليت جو تَمغو عطا ٿيو، ائين جو نبي رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪندي”منهنجو ڪتاب“ فرمايائون، جئين ته

بارگاھ رسالت ۾ صحيح بخاري شريف جي مقبوليت

حضرت سَيدُنا امام ابو زيد مَروَزِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مان هڪ ڀيرو مڪي شريف ۾ مقامِ اِبراهيم ۽ حَجَر ِاَسوَد جي وچ ۾ سمهي رهيو هئس ته منهنجو نصيب جاڳيو ۽ خواب ڏٺو ته حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا آهن: اي ابو زيد! شافِعِي جي ڪتاب جو دَرس ڪيستائين ڏيندي، اسان جي ڪتاب جو دَرس ڇو نٿا ڏيو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون عَرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي جان اوهان تي قربان! اوهان جو ڪتاب (Book) ڪهڙو آهي؟ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايائون: جامع محمد بن اسماعيل يعني امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ڪتاب ”بخاري شريف“۔(بستان المحديثين،ص ۲۷۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! جنهن ڪتاب کي نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پسند ڪن ۽ ان کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪن ته اندازو لڳايو ته ان کي

 



[1]مثلاًالتاریخ الکبیر،التاریخ الاوسط،التاریخ الصغیر،کتاب الضعفاء،خلق افعال العباد،المسندالکبیر،کتاب العلل،الادب المفرد وغیرہ