Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ان جو ختم ڪڍڻ وارن کي هن جون ڪهڙيون ڪهڙيون بَرڪتون نصيب ٿينديون۔ اچو! ترغيب لاءِ خَتمِ بُخاري جون ڪجھ بَرڪتون مُلاحَظه ڪريو، جئين ته

خَتمِ بُخاري جا فائدا

(ڪجهه)عارف سڳورن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجمَعِين کان منقول آهي: جيڪڏهن ڪنهن مشڪل ۾ صحيح بخاري کي پڙھيو وڃي ته اها مشڪل حل ٿي ويندي آهي ۽ جنهن ڪشتي (Boat) ۾ صحيح بُخاري هجي اها غَرق ناهي ٿيندي۔ حافظ اِبنِ ڪثير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ڏڪار ۾ ”صحيح بُخاري“ پڙھڻ سان برسات ٿيندي آهي۔ (تذڪرۃ المحدثين، ص۱۹۸)  مشهور مُحَدِّث شيخ عبدُ العزيز مُحَدِّثِ دِهلَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: شِدَّت جي وقت، دشمن جي خوف، مَرَض جي سختي، ڏڪار ۽ ٻين مصيبتن ۾ هن ڪتاب جو پڙھڻ ترياق (علاج) جو ڪم ڏيندو آهي، اڪثر هن جو تَجرِبو ٿي چڪو آهي۔(بستان المحدثين،ص۲۷۴) حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: قرآن شريف کان پوءِ صحيح ترين ڪتاب بُخاري شريف مڃيو ويو آهي، مصيبتن ۾ خَتمِ بُخاري ڪيو ويندو آهي، جنهن جي برڪت ۽ اللہ  پاڪ جي فَضل سان مصيبتون ختم ٿي وينديون آهن۔    (مرآۃ المناجيح،۱/۱۱ ملخصاً)

مجھے آفتوں نے گھیرا، ہے مصیبتوں کا ڈیرا     یانبی مدد کو آنا مَدَنی مدینے والے

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ رابطه بالعلماءوالمشائخ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فَيضانِ اِمام بُخاري سان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته