Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

ٿي خدمتِ دين جي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪريو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ خدمتِ دين جي 104 کان وڌيڪ شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي۔ هنن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلسِ رابطه بالعلما والمشائخ“ به آهي جنهن جو بنيادي مقصد سُنّي علماء ڪرام ۽ مشائخ عظام مثال طور مسجدن جي امامن خطيبن ۽ پيرانِ طريقت وغيره کي دعوتِ اسلامي جي دِيني خدمتن کان آگاھ ڪرڻ، مدني ڪمن ۾ انهن جي مدد حاصل ڪرڻ، انهن جون دعائون وٺڻ ۽ سُنّي جامعات ۽ مدرسن ۾ مدني ڪمن جي ترڪيب بڻائڻ، هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري، مختلف تربيتي اجتماعن ۾ سُنّي جامعات ۽ مدرسن جي شاگردن کي شرڪت ڪرائڻ، انهن جي لاءِ مناسب خيرخواهي جو اِنتظام ڪرڻ آهي۔اللہ  تعاليٰ دعوتِ اسلامي ۽ مجلسِ رابطه بالعلما والمشائخ کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي ۽ اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول تي اِستقامت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں    اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہے

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور هڪ عام انسان جيستائين دُنيا ۾ زندھ رهندو آهي ان وَقت تائين اهو ٻين کي فائدو پهچائڻ تي قُدرت رکندو آهي پر مرندي ئي اهو سِلسِلو خَتم ٿي ويندو آهي پر اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجمَعِين جو شان ۽ عظمت ايتري قَدَر بلند ۽ اوچو هوندو آهي جو جيستائين اهي نيڪ ٻانها هن فاني دُنيا ۾ پنهنجي ظاهري حَيات سان زنده رهندا آهن ته نيڪ ۽ بَد سڀني کي فَيضياب ڪندا آهن ۽ هر پاسي پنهنجون بَرَڪتون عام ڪندا آهن پر