Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

جڏهن اهي حضرات پنهنجي مَزارِ اَقدَس ۾ تشريف وٺي ويندا آهن ته اتي به اُنهن جي ذات ۽ انهن جي مَزارِ پرانوار مان بَرَڪتن جو ظُهور ٿيندو رهندو آهي ۽ ماڻهو فيضياب ٿيندا رهندا آهن۔ اچو! وصال کان پوءِ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ ڪرامت ۽ سندن مزار مبارڪ جي هڪ بَرَڪت مُلاحَظَه ڪريو،جيئن ته

سيدُنا اِمام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وسيلي سان دُعا

علامه تاجُ الدِّين سُبڪي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِصالِ ظاهري جي (200 سال) کان پوءِ سَمَرقَند ۾ خشڪ سالي جي ڪري ڏڪار ٿيو، ماڻهن ڪيئي ڀيرا نماز اِستِسقاء پڙھي ۽ دعائون گھريون پر برسات نه ٿي، پوءِ هڪ نيڪ شخص جيڪو زُهد وتَقويٰ ۽ پرهيزگاري جي ڪري مشهور هو، شهر جي قاضي وٽ ويو ۽ ان کي مشورو ڏنائين ته توهان شهر جي ماڻهن کي وٺي امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي قَبر تي وڃو ۽ اتي وڃي اللہ  پاڪ کان برسات جي دعا گھرو، شايد اللہ  پاڪ توهان جي دعا قَبول ڪري۔ قاضي اهو مشورو قَبول ڪيو ۽ ماڻهن کي گڏ ڪري امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي قَبر تي آٓيو، امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وسيلي سان دعائون گھريون ۽ گريه وزاري ڪئي، امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان قَبوليتِ دعا جي لاءِ سفارش ڪئي، نهايت ئي خُشوع وخُضوع سان ان دعا گهري، انهيءَ وَقت آسمان تي بادل ڇائنجي ويا ۽ ست ڏينهن (Seven Day) تائين مُسَلسَل برسات ٿيندي رهي ۽ ايتري برسات ٿي جو ماڻهن جي لاءِ مقام ”خَرتَنڪ“ کان ”سَمَرقَند“ تائين پهچڻ به مشڪل ٿي ويو۔ (طبقات الشافعيۃ الڪبري،الطبقۃ الثانيۃ،۲/۲۳۴)(خَرتَنڪ کان سَمَرقَند تائين فقط 3 مِيل جو فاصلو آهي۔)

اللہُ غنی! شانِ وَلی! راج دِلوں پر    دُنیا سے چلے جائیں حکومت نہیں جاتی