Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلحَمدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين ۽ اهلِ حق

 عالم سڳورن جو اهو معمول رهيو هو ته هو پنهنجي مشڪلات جي حل جي لاءِ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين جي مزارن تي حاضري ڏيندا هئا۔ اچو! بَرَڪت جي لاءِ بزرگن جي مزارن تي وڃڻ جو برڪتون ملاحظه ڪريو، جيئن ته

1       حضرت سَيدُنا حسن بن ابراهيم خَلّال حنبلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪو معاملو درپيش ٿيندو آهي، مان حضرت سَيدُنا امام موسيٰ بن جعفر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزارِ پرانوار تي حاضر ٿي سندن وسيلو پيش ڪندو آهيان۔ اللہ  ڪريم منهنجي مشڪل کي آسان ڪري مون کي منهنجي مراد عطا ڪندو آهي۔([1])

2        شافِعين جا عظيم پيشوا حضرت سيدُنا امام محمد بن اِدريس شافِعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪا حاجت پيش ايندي آهي ته مان ٻه رَڪعت نَماز ادا ڪري حضرت سيدُنا امامِ اعظم ابو حنيفهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزارِ تي وڃي اللہ  ڪريم کان دعا گھرندو آهيان، اللہ  پاڪ منهنجي حاجت جلد پوري ڪندو آهي۔([2])

3        حضرت سيدُنا يحييٰ بن سليمانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا: مون کي هڪ حاجت درپيش هئي ۽ مان ڪافي تنگدست به هئس۔ مون حضرت سيدُنا معروف ڪرخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قبرِ اَنور تي حاضري ڏني، 3 ڀيرا سُوره اِخلاص جي



[1] تاریخ بغداد، مقدمۃ المصنف،باب ماذکر فی مقابر بغداد …الخ،۱/ ۱۳۳

[2] الخیرات الحِسان، الفصل الخامس والثلاثون ،ص ۹۴ملتقطاً