Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

تلاوت ڪئي ۽ ان جو ثواب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ سڀني مُسلمانن جي روحن کي بخشيو پوءِ پنهنجي حاجت بيان ڪئي۔ فرمائن ٿا ته مان هن حال ۾ واپس موٽيس جو منهنجي حاجت پوري ٿي چڪي هئي۔([1])

حضرت سيدُنا عبدالرحمٰن بن محمد زُهري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا :حضرت سيدنا معروف ڪرخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزار جي حاضري مُرادون پوريون ٿيڻ جي لاءِ مُجَرَّب (يعني تجربي ڪيل) آهي ۽ جيڪو سندن مزار وٽ 100 ڀيرا سوره اِخلاص جي تلاوت ڪري، پوءِ اللہ  پاڪ کان سوال ڪري ته اللہ  پاڪ ان جي حاجت کي پورو ڪندو۔([2])

کرم ہو واسِطہ کُل اَوْلِیا کا

مِرا اِیماں پہ مَوْلیٰ خاتِمَہ ہو

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌو ته ٭امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بي مثال ذهانت جا مالڪ هئا۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ننڍي عمر ئي ۾ عِلمِ حديث ۾ مهارت حاصِل ٿي وئي هئي۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي لکين حديث سڳوريون حِفظ هيون۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِلم حاصل ڪرڻ لاءِ پري واري ملڪن ۽ شهرن جا سفر ڪيائون۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حديث سڳورين جو نهايت گھڻو ادب ڪندا هئا۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عاجِزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر هئا۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صحيح بخاري شريف جو خَتم ڪڍڻ سان مصيبتون، پريشانيون ۽ آٓفتون پري ٿي وينديون آهن۔ ٭ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِصالِ ظاهري کان پوءِ سندن وسيلي سان بارش طلب ڪئي ويندي هئي۔ اللہ  پاڪ



[1] الروض الفائق،المجلس الرابع والثلاثون الخ، ص۱۸۸

[2] مناقب معروف الکرخی ،الباب السابع والعشرون فی ذکر فضیلۃ زیارۃ قبرہ …الخ ،ص۲۰۰