Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari
اسان کي امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي فيضان سان مالا مال فرمائي ۽ اسان کي سندن سيرت تي هلندي خوب خوب عِلمِ دين سکڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوا عَلَي الحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي حديثِ پاڪ جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه ڪريو: (1) فرمايائون: جيڪو شخص ديني معامَلات جي باري ۾ چاليھ (40) حديثون ياد ڪري منهنجي اُمّت تائين پهچائيندو اللہ پاڪ (قِيامت جي ڏينهن) ان کي ان شان سان اٿاريندو جو اهو فقيه هوندو ۽ مان قِيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪندس ۽ ان جي لاءِ شاهدي ڏيندس۔ )مشڪاۃ المصابيح، ڪتاب العلم، الفصل الثالث،۱/۶۸، حديث:۲۵۸( (2) فرمايائون: اللہ پاڪ ان کي تَروتازه رکي جيڪو منهنجي حديث کي ٻڌي، ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي۔ (تِرمِذي، ۴/۲۹۸، حديث:۲۶۶۵) ٭اسلام ۾ ڪلامُ اللہ (يعني قرآن) کان بعد ڪلامِ رسولِ اللہ (يعني حديث) جو درجو آهي۔(مرآۃ المناجيح،۱/۲) ٭ هر انسان تي حُضور عَلَيه السَّلَام جي اِطاعت فَرض آهي ۽ اها اِطاعت بغير حديث ۽ سُنّت ڄاڻڻ جي ناممڪن آهي۔(مرآۃ المناجيح ،۱/۹) ٭ حديثن جي اِنڪار کان پوءِ قرآن تي اِيمان جي دعويٰ بلڪل باطِل آهي۔ (نزهۃ القاري ،۱/۶ ۳) ٭ جيستائين اهو معلوم نه ٿئي ته اها واقعي حديث مبارَڪه آهي، ان وَقت تائين بَيان نه ڪريون۔ (فيضان فاروق اعظم ،۲/۴۵۱) ٭ آقا عَلَيه السَّلَام جو فرمان آهي: جيستائين توهان کي يقيني عِلم نه هجي منهنجي طرفان حديث بيان ڪرڻ کان بچو، جنهن ڄاڻي واڻي مون ڏانهن ڪوڙ منسوب ڪيو ان کي گھرجي ته هو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ ٺاهي۔ (ترمذي، ڪتاب تفسير القرآن عن رسول الله،باب ماجاء في الذي۔۔۔الخ،۴/۴۳۹،حديث:۲۹۶۰)