Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

بزرگن عِشقِ رسول جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي سڄي زندگي حديثِ پاڪ جي تَروِيج ۽ اِشاعت (Propagation) ۾ گذاري ڇڏي۔ انهن بُزرگ هستين مان جيڪو رتبو ۽ شان امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي نصيب ٿيو اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ جيئن ته شَوَّالُ المُڪرَّم جي مبارَڪ مهيني ۾ سندن پيدائش ٿي هئي ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن عُرسِ مبارَڪ به آهي۔ تنهنڪري انهيءَ مُناسَبَت سان اڄ اسان حضرت سيدنا اِمام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مُختَصَر تعارُف ۽ سندن پاڪيزه سيرت جي مُختلِف پهلوئن جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا۔ اچو! پهريان سندن عبادت جي ذوق تي مُشتَمِل هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌو ۽ پنهنجي اندر ذَوقِ عبادت کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، جيئن ته

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ذوقِ عبادت

هڪ ڀيري امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سندن ڪجهه شاگردن دعوت ڏني ته پاڻ تشريف وٺي ويا، جڏهن نمازِ ظُهر جو وَقت ٿيو ته پاڻ نماز پڙھي، پوءِ نفل شُروع ڪري ڇڏيا، جڏهن فارغ ٿيا ته قميص جو هڪ ڪنارو بلند ڪندي پنهنجي بعض ساٿين کي فرمايائين، ڏسو منهنجي قميص جي اندر ڪهڙي شيء آهي؟ اُنهن ڏٺو ته هڪ زهريلو جيت هو جنهن سورهن (16) سترهن (17) هنڌن تي ڏنگيو هو جنهن سان اوهان جو سڄو جسم سُڄي ويو هو، ماڻهن چيو؛ سائين! جڏهن ان مُوذِي جانور پهريون ڏنگ هنيو ته اوهان انهيء وَقت نماز مان ٻاهر ڇو نه نڪتا؟ فرمايائون مون هڪ سُورت شُروع ڪئي هئي، دل چاهيو ته اها پُوري ٿي وڃي (ته پوءِ سلام ڦيريندس)۔  (تاريخ بغداد ج ۲، ص ۱۳)

 

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت     ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت     رہوں باوُضو میں سدا یاالٰہی