Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

صُبح ٿيو ته ڏٺائين ته امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون اکيون (Eyes) روشن ٿي چڪيون هيون۔        ( تَفهيمُ البخاري،۱/۴ ملخصاً)

بَصر کے ساتھ بصیرت بھی خوب روشن ہو     لگاؤں خاکِ قدم بار بار آنکھوں میں

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُبحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! اللہ  ڪريم ماءُ جي دُعا ۾ ڪيترو اثر رکيو آهي جو ماءُ جڏهن پنهنجي اَولاد جي لاءِ دُعا ڪندي آهي ته ربِّ ڪريم اُن جي کنيل هٿن جي لڄ رکندو آهي ۽ اَولاد جي لاءِ ان جي دُعا قَبول ڪندو آهي، اَلحَمدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ماءُ اها مهربان هستي آهي جيڪا اَولاد جي لاءِ روئي روئي دُعائون ڪندي آهي، ماءُ جي دُعا جنّت ۾ وٺي ويندي آهي، ماءُ جي دُعا ربِّ ڪريم جو فرمانبردار ڪندي آهي، ماءُ جي دُعا بُرائين کان بچائيندي آهي، ماءُ جي دُعا اَولاد کي وِلايت جي درجي تائين پهچائيندي آهي، ماءُ جي دُعا اَولاد جي قسمت سَنواريندي آهي، ماءُ جي دُعا اَولاد جي حق ۾ قبول ٿيندي آهي، ماءُ جي دُعا ڪاميابيون ڏياريندي آهي، ماءُ جي دُعا رَحمت نازل ٿيڻ جو سبب آهي، ماءُ جي دُعا گناهن جي مُعافي جو ذَرِيعو آهي، ماءُ جي دُعا جي بَرَڪت سان ربِّ ڪريم اَولاد تان مصيبتن ۽ آزمائشن کي پري ڪندو آهي۔اللہ  ڪريم اسان کي پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪرڻ، ان جي فرمانبرداري ڪرڻ، انهن کي راضي رکڻ ۽ انهن کان دعائون وٺڻ وارا ڪم ڪرڻ جي توفيق ۽ سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان مُحَدِّثِ سڳورن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجمَعِين جي سيرتِ مبارَڪه جو جائزو وٺون ته انهن جي پاڪيزه سيرت ۾ اسان کي اهو