Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

مَدَني گل جڳمڳائيندي نظر ايندو ته هنن حضرات عِلمِ حديث کي حاصل ڪرڻ

 ۽ اَحاديثِ رسول جي ترويج ۽ اِشاعت خاطر پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو، ايستائين جو هن راھ ۾ پنهنجي گھربار کي ڇڏي پري پري تائين ملڪن ۽ شهرن جو سفر طي ڪري علمِ حديث حاصل ڪيائون۔ اَلحَمدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اميرُ المُؤمنين في الحديث امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيئن ته يادگارِ اَسلاف هئا، تنهنڪري پاڻ مُحَدِّث سڳورن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجمَعِين جي نَقشِ قدم تي هلندي انهيء مقصَد خاطر پنهنجي اباڻي وطن کي ڇڏيو، پري پري تائين شهرن جو سفر اِختيار ڪيو ۽ تمام ننڍي ڄمار ۾ ئي ميدانِ حديث ۾ پنهنجين صلاحيتن کي مڃرايو۔ اچو! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شَوقِ عِلم جون ڪجھ جھلڪيون مُلاحَظه ڪريو، جيئن ته

تعليم وارو دور

اَمِيرُ المُؤمِنِين فِي الحَدِيث حضرت سَيدُنا محمد بن اِسماعيل بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن ڏھ (10) سال جا ٿيا ته اِبتدائي ۽ ضروري تعليم حاصل ڪري چڪا هئا، اللہ  پاڪ سندن دل ۾ عِلمِ حديث حاصِل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو ته پاڻ ’’بُخارا‘‘ ۾ (عِلمِ حديث حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مَدرَسي ۾) داخِلا ورتائون، عِلمِ حديث وڏي محنت سان حاصِل ڪيائون، سورهن (16) سالن جي عمر ۾ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ والده سان گڏ حج ڪرڻ جي لاءِ حرمين شريفين (مڪي مديني ۾) حاضر ٿيا، والده ۽ ڀاءُ ته حج ادا ڪرڻ کان بعد واپسي وطن موٽي آيا پر پاڻ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اتي ئي رهي پيا ۽ ارڙهن (18) سالن جي عمر ۾ پاڻ اتي ئي هڪ ڪتاب([1]) لکيو۔

                      (ارشاد الساري، ترجمۃ الامام بخاري،۱/ ۵۶ملخصاً)(تذڪرۃ المحدثين،ص۱۷۲ملخصا)

 



[1]( کتاب قضایا الصحابۃ والتابعین)