Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

عِلم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڇھ (6) سال حِجاز ِمُقَدَّس (عَرَب شريف جو اهو حِصّو جنهن ۾ مَڪو شريف، مَدينو پاڪ ۽ طائف جا علائقا شامل آهن) ۾ رهي خوب عِلم حاصِل ڪيائون۔ عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ڪيئي سفر اِختيار ڪيا، 2 ڀيرا شام، مِصر ۽ جزيره، 4 ڀيرا بَصره ۽ ڪيئي دفعا (عِراق جي شهر) ڪوفه ۽ بغداد به تشريف کڻي ويا۔    (سير اعلام النبلاء،ابو عبدالله البخاري۔۔۔ الخ، ذڪر حفظه۔۔ الخ، ۱۰ /۲۸۵ملخصاً)

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اللہ  پاڪ پنهنجن ٻانهن کي جن نعمتن سان نوازيندو آهي، اُن مان هڪ قُوَّتِ حافِظه جي نعمت به آهي۔ جنهن جي ذريعي انسان سڄي دنيا جي معلومات کي پنهنجي دماغ جي ميموري (Memory) ۾ آساني سان محفوظ ڪرڻ تي قادر ٿي ويندو آهي ۽ ان مان ڀرپور فائدو کڻندو آهي، اَلحَمدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شمار به اُنهن خوش نصيبن ۾ ٿيندو آهي، جن کي اللہ  پاڪ زبردست قُوَّتِ حافِظه جي نعمت سان سَرفراز فرمايو هو، پاڻ بارگاھ الٰهي مان ملڻ واري شاندار قُوَّتِ حافِظه ۽ بي مثال ذهانت جي ذريعي هزارين احاديثِ مبارَڪه کي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ محفوظ ڪري ورتو هو۔ اچو! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قُوَّتِ حافِظه جون ڪجھ دلنشين جھلڪيون ٻڌون ٿا، جيئن ته

هڪ هزار حديثون زباني بَيان ڪيائون

هڪ ڀيري پاڻ (خُراسان جي هڪ مشهور شهر) بَلخ ويا، ماڻهن سندن کي حديث ٻُڌائڻ جي فرمائش ڪئي ته هڪ هزار(1000) احاديثِ مبارَڪه زباني بَيان ڪيائون۔ (سير اعلام النبلاء،ابو عبد الله البخاري۔۔۔الخ،۱۰/۲۸۹)

16 ڏينهن ۾ 15هزار حديثون