Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شَيخِ طريقت، اَميرِ اَهلسُنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضيائي دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي رِسالي ”ابُوجهل جو موت“ صَفحي نمبر 21 تان سَفر ڪرڻ جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ ٭ جڏهن سفر ڪرڻو هجي ته بهتر هي آهي ته سومر، جمعرات يا ڇنڇر جو ڪري۔ (فتاويٰ رضويه،۲۳/۴۰۰ملخصاً) ٭  سَرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيّدُنا جُبَير بن مُطۡعِم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي سفر ۾ پنهنجي سڀني ساٿين کان وڌيڪ خوشحال رهڻ جي لاءِ روانگي کان پهريان اهو وِرد پڙهڻ جي تلقين فرمائي؛ (1) سورة  الکٰفرون (2) سورة النصر  (3) سورة الاخلاص (4) سورة الفلق (5) سورة النّاس  هر سورت هڪ هڪ دفعو ۽ هر هڪ جي پهريان ”بِسْمِ ﷲِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم“ ۽ آخر ۾ به بِسْمِ ﷲِ پوري پڙهو (اهڙيءَ طرح پنج سورتون ٿينديون ۽ بِسْمِ ﷲِ  شريف ڇھ ڀيرا) حضرت سيّدُنا جُبير بن مُطۡعِم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا ته مان هونءَ ته شاهوڪار هئس پر جڏهن سفر ڪندو هيس ته سڀني ساٿين کان وڌيڪ غريب ٿي ويندو هيس۔ پوءِ مون اهي سورتون سفر کان پهريان پڙهڻ شروع ڪيون ته انهن جي برڪت سان واپسي تائين خوشحال ۽ دولتمند رهندو هئس۔ (ابويعليٰ،۶/۲۶۵، حديث:۷۳۸۲) ٭ آئينو، سرمو، ڦڻي، مسواڪ پاڻ سان گڏ رکو جو سنت آهي۔  (بهار شريعت، حصه۶،۱/۱۰۵۱) ٭ جڏهن مٿانهين جڳهه تي يا ڏاڪڻين تي چڙهندي يا بس وغيره مٿانهين ڏانهن چڙهي رهي هجي ته ”اَللهُ اَکْبَر“ چئو ۽ جڏهن ڏاڪڻين کان لهو يا لاهيءَ ڏانهن لهو ته ”سُبْحٰنَ الله “ چئو  ٭ منزل تي لهڻ وقت هيءَ دعا پڙهو؛ اَعُوْذُ بِکَلِمَاتِ اللهِ التَّـآمَّاتِ مِنْ  شَرِّمَا خَلَقَ. ترجمو؛ الله عَزَّ وَجَلَّ جي ڪلماتِ تامه جي  ذريعي سموري مخلوق جي شر کان پناهه گهران ٿو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر نقصان کان بچندؤ۔  (الحِصنُ الحَصين، ص۸۲)٭  دورانِ سفر به نَماز ۾ هرگز ڪوتاهي نه ٿئي، ٭  رستي ۾ بس خراب ٿي وڃي ته ڊرائيور يا بس جي مالڪن وغيره کي ڇڙٻ ڏيڻ ۽ بڪ بڪ ڪري پنهنجي آخرت خراب ڪرڻ بدران صبر ڪيو ۽ جنّت جي طلب ۾ ذِڪر و دورد ۾ مشغول ٿي وڃو  ٭ رش جي موقعي تي ڪنهن ضعيف يا مريض کي ڏسو ته ثواب جي نيّت سان اصرار ڪري ان کي