Madinay Ki Khasoosiyat

Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي شريف جي زيارت ڪئي۔ (الروض الفائق،ص۳۰۶)

روضۂ پاک کے سائے میں بُلا کر آقا                             آنکھ دے دیجئے میں آپ کا جلوہ دیکھوں

چوم لُوں کاش! نگاھوں سے سنہری جالی                         اَشکبار آنکھ سے منبر کا بھی جلوہ دیکھوں

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! سرڪارِ دو عالم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضي انور جي زيارت ڪرڻ ڪيتري قدر سعادت ۽ برڪت جو سبب آهي ته روضي مبارڪ جي زيارت ڪرڻ وارن کي بارگاھ الٰهي کان مغفرت جا پروانا تقسيم ڪيا ويندا آهن، ته ڪيترا خوش نصيب آهن اهي عاشقانِ رسول جيڪي مديني پاڪ جي حاضِري جو شرف ماڻي چڪا آهن، جنهن سبز سبز گنبذ جي حَسين جلوئن کي ڏسي پنهنجا جگر ٿڌا ڪيا، جنهن مسجدِ نبوي جي دلڪش منارن جي زيارت جو جام پيتو۔ جن آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي منبر ومحراب کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جو اِعزاز حاصِل ڪيو۔ يقيناً ياد ِمدينه اُنهن کي هاڻي به بيقرار ڪندي هوندي، جڏهن هو تصويرن ۾ اُنهن منظرن کي ڏسندا هوندا ته اُنهن جون اکيون اَشڪبار ٿي وينديون هونديون، دل بي قابو ٿيڻ لڳندو هوندو۔ اي ڪاش! ربِّ ڪريم اُنهن عاشقانِ رسول جي طفيل اسان گناهگارن کي به حاضِري مدينه جي سعادت عطا فرمائي، اي ڪاش! آقا ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي به پنهنجن قدمن ۾ گھرائي، اي ڪاش! اسان کي به سبز سبز گنبذ جا پُرنُور جلوا ڏسڻ نصيب ٿي وڃن، اي ڪاش! اسان کي به سنهري ڄارين جي سامهون بيهي دُرُود و سلام پڙھڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔

حضورایسا کوئی انتظام ہو جائے             سلام کے لئے حاضر غلام ہو جائے

میں صرف دیکھ لوں ایک بار سبز گنبد کو                بَلا سے پھر میری دنیا میں شام ہوجائے

اي ڪاش! اسان کي به اِيمان و عافيت سان مٺي مديني ۾ موت ۽ جنّتُ البقيع ۾ ٻه گز زمين نصيب ٿي وڃي۔ ياد رهي! مديني شريف ۾ مرڻ ۽ جنّتُ