Madinay Ki Khasoosiyat

Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

خَلَقْنٰکُمْ ۔ ٻي ڀيري وَفِیْھَا نُعِیْدُ کُمْ ۔ ٽئين ڀيري وَمِنْھَا نُخْرِجُکُمْ تَارَۃً اُخْرٰی چئو۔ هاڻي باقي مِٽّي ڪوڏر وغيره سان وجھو۔ (جوهره ص۱۴۱) v جيتري مِٽّي قَبر مان نڪتي آهي ان کان وڌيڪ وجھڻ مڪروه آهي۔ (فتاويٰ هنديۃ،۱/۱۶۶) v قَبر چَوڪنڊي (يعني چار ڪونڊن واري) نه بڻايو بلڪه ان ۾ ڍال(هيٺاهين) رکو جيئن اُٺ جو ڪوهان، (دفن کان بعد) ان تي پاڻي ڇڙڪڻ بهتر آهي، قَبر هڪ گرانٺ اُونچي هجي يا معمولي وڌيڪ۔ (بهارشريعت،۱/۸۴۶ مُلَخَّصاً) v دفن کان بعد قَبر تي آذان ڏيڻ ثواب جو ڪم ۽ ميت جي لاءِ نهايت نَفعي بخش آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۵/۷۰ ۳ماخوذاً) v مُستَحَب هي آهي ته دفن کان بعد قَبر تي سُوره بَقَرَه جو اوّل ۽ اآخِر پڙھو، سيراندي (يعني مٿي واري پاسي) الٓمّٓ کان مُفْلِحُوْن تائين ۽ پيراندي (يعني پيرن ڏانهن) اٰمَنَ الرَّسُوۡلُ کان ختم سورت تائين پڙهو۔ (بهارشريعت،۱/۸۴۶) v شَجَرو يا عَهدنامو قَبر ۾ رکڻ جائز آهي ۽ بهتر اهو آهي ته ميت جي چهري اڳيان قبلي ڏانهن طاق(کُڏو)  کوٽي ان ۾ رکو، بلڪ ”دُرِّمختار“ ۾ ڪفن تي عهد نامو لکڻ جائز چيو آهي ۽ فرمايائون ته ان سبب مَغفِرَت جي اُمّيد آهي، v ميت جي سيني ۽ پيشاني تي بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيۡمِ لکڻ جائز آهي۔ ائين به ٿي سگھي ٿو ته پيشاني تي بِسْمِ اﷲ شريف لکو ۽ سيني تي ڪلمو شريف لَآ اِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پر وهنجارڻ کان پوءِ ڪفن پارائڻ کان پهريان ڪلمي واري آڱر سان لکو روشنائي (INK) سان نه لکو۔ (بهارشريعت ،۱/۸۴۸) خ قَبر مان ميت جون هڏيون ٻاهر نڪرن ته انهن هڏين کي دَفن ڪرڻ واجِب آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۹/ ۴۰۶ماخوذاً)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں۽آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد