Seerat e Usman e Ghani

Book Name:Seerat e Usman e Ghani

بلال ۽ ابو ذر غفاري ۽ ٻيا کوڙ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو جن کي ايمان آڻڻ کان بعد سخت آزمائشن مان گزرڻو پيو پر اهي ايمان تي مظبوط رهيا ۽ اڄ ايمان تي استقامت جو نالو ايندي ئي انهن مبارڪ هستين جو تصور ذهن ۾ اچي ويندو آهي. (2) فرضن تي استقامت هي آهي ته ڪڏهن ترڪ نه ٿين، جيئن: نماز (3) مستحبن تي استقامت يعني انهن تي هميشگي هجي، جيئن: تلاوت، ذڪر، درود، صدقا، حسنِ اخلاق، عفو و ڪرم ۽ تهجد وغيره تي استقامت. اها استقامت به الله پاڪ کي گهڻي محبوب آهي. مٺا اسلامي ڀائرو! استقامت جو لفظ اسان اڪثر ٻڌندا، پڙهندا آهيون پر پنهنجي ذات تي غور به ڪرڻ گهرجي ته ڇا اسان کي نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ تي استقامت حاصل آهي؟ وقتي طور جذبات ۾ اچي نفل، تلاوت، ذڪر ۽ درود ۽ درس ۽ مطالعو سڀ شروع ڪندا آهيون پر ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ جذبات ٿڌا ۽ عمل غائب ٿي ويندا آهن. ائين ئي ماههِ رمضان ۾ يا نيڪ اجتماع ۾ يا مريد ٿيڻ وقت گناهه ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪندا آهيون ۽ ڪجهه ڏينهن پاڻ کي گناهن کان بچائيندا به آهيون پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ اهو ئي گناهن جو سلسلو رهندو آهي ۽ اسان گناهن ۾ ٻڏيل هوندا آهيون. نيڪ ارادن تي استقامت جو ذهن بڻائڻ ۾ سڀ کان مفيد  ۽ اهم شيء قوتِ ارادي ۽ همت نه هارڻ آهي. هن بنيادي نڪتي کي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ استقامت نصيب ٿي ويندي.(ماهنامه فيضانِ مدينه، ص 4 ملخصا)       

دنيا ڇڏي سگھان ٿو پر اِيمان نه:

اَميرُ المُؤمِنِين حضرت سَيدُناعثمانِ غَنيرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جڏهن اِسلام قبول ڪيائون ته نه رڳو پنهنجن گھر وارن بلڪ سڄي خاندان جي شديد مُخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه کي مارڪُٽ ڪئي