Seerat e Usman e Ghani

Book Name:Seerat e Usman e Ghani

علمِ غيب جي ثبوت تي دليلن سان مزين هڪ ڪتاب لکيو۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دارُالاِفتا سان به وابسته رهيا ۽ ڪيئي استفتا (اِس۔تِفۡ۔تَا يعني سوالن) جا جواب تحرير ڪيائون۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي فنِ اِفتا ۾ ايتري قدر ڪمال هو جو بنا ڪتاب ڏٺي سوالن جا جواب لکندا هئا۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو سڀ کان عظيم ڪارنامو ”تفسيرخزائنُ العرفان“ آهي۔ ( تذڪره صدر الافاضل،ص۸تا۱۳ ملخصاً و ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭ سَيدُنَا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سڄي زندگي سخاوت جا درياءُ وهايا۔ ٭ سيدنا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه اسلام قبول ڪرڻ وارا چوٿان خوش نصيب شخص آهن۔ ٭ سيدنا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ڪيئي ڀيرا پنهنجو کوڙ مال ۽ دولت راھ خدا ۾ قربان ڪيائون۔ ٭ سيدنا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻن شهزادين سان هڪ کان پوءِ ٻي سان نڪاح ڪرڻ جي برڪت سبب ذو النورين لقب عطا ٿيو۔ ٭ سيدنا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه عبادت و رياضت ۽ تلاوتِ قرآن جا گھڻا شيدائي هئا۔ ٭ سيدنا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه عشقِ رسول ۾ فنا ٿي چڪا هئا۔ ٭ سيدنا عثمان ِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مسلمانن کي هڪ قرآني نسخي تي گڏ ڪيو، تنهنڪري پاڻ کي جامع القرآن جو لقب عطا ٿيو۔ الله پاڪ اسان کي اميرُالمؤمنين حضرت