Seerat e Usman e Ghani

Book Name:Seerat e Usman e Ghani

20 ۽ 21 تي آهي: حضرت سَيدُنا عبدُالله بن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما کان روايت آهي ته اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي خلافت واري زماني ۾ ڏڪار ٿيو ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ماڻهن کي فرمايائون: توهان کي ڪا تڪليف نه پهچندي ايستائين جو الله پاڪ توهان کي هن ڏڪار کان نجات ڏيندو۔ پوءِ جڏهن اڳيون ڏينهن ٿيو ته سندن وٽ خوشخبري ڏيڻ وارو آيو ته حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وٽ ڪڻڪ ۽ خوراڪ جي سامان جا هڪ هزار اٺ اچي رهيا آهن۔ (پوءِ جڏهن حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وٽ ڪڻڪ۽ ٻين کائڻ جي شين جا هڪ هزار اٺ آيا) ته اڳئين ڏينهن واپاري سندن گھر پهتا ۽ دروازي تي دستڪ ڏنائون۔ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ٻاهر تشريف وٺي آيا ۽ انهن کان پڇيائون: توهان ڇا چاهيو ٿا؟ انهن چيو: اسان کي معلوم ٿيو آهي ته اوهان وٽ ڪڻڪ ۽ ٻئي اناج جا هڪ هزار اٺ آيا آهن، اوهان اهي اسان کي وڪڻي ڇڏيو ته جيئن مدينه منوره جي ضرورت مندن تي رِزق جي ڪشادگي ٿي وڃي۔ حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ارشاد فرمايائون: اندر اچو۔ اهي ماڻهو اندر آيا ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه انهن کان پڇيائون: توهان ماڻهو ملڪ شام جي ريٽ مطابق ڇا نفعو ڏيندو؟ انهن چيو: ڏھ جا ٻارهن يعني ٻيڻو نفعو ڏينداسين، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ارشاد فرمايائون: مون کي هن کان وڌيڪ نفعو ملي رهيو آهي۔ واپارين چيو: ڏھ جا چوڏهن وٺو۔ پاڻرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: مون کي وڌيڪ ملي پيو۔ انهن چيو: ڏھ جا پندرهن وٺو۔ پاڻرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: مون کي هن کان وڌيڪ نفعو ملي رهيو