Seerat e Usman e Ghani

Book Name:Seerat e Usman e Ghani

آهي۔ انهن چيو: مديني جا واپاري (Dealers) ته اسان آهيون، اوهان کي ڪير وڌيڪ نفعو ڏئي رهيو آهي؟ حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ارشاد فرمايائون: مون کي هڪ روپيي تي ڏھ روپيا منافعو ملي رهيو آهي، توهان هن کان وڌيڪ ڏيندو؟ انهن چيو: اسان ايترو نفعو نٿا ڏئي سگھون۔ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: اي واپارين جي جماعت! هن ڳالھ تي شاهد ٿي وڃو ته مون اهي سموريون شيون مديني جي ضرورت مندن جي لاءِ صدقو ڪيون آهن۔ حضرت سَيدُنا عبدُ الله بن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما فرمائن ٿا: مان جڏهن رات جو سُتس ته خواب ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي نور جي چادر پاتل هئي، مبارڪ هٿن ۾ نور جي لٺ ۽ پير مبارڪ ۾ جيڪي نعلين هئا ان جا تسمه(ڪَها) پڻ نوراني هئا. مون عرض ڪيو: بِاَبِي اَنْتَ وَاُمِّي يَارَسُوْلَ الله!لَقَدْطَالَ شَوْقِي اِلَيْكَ يعني منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان ڏانهن منهنجو شوق وڌندو پيو وڃي۔ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: مان جلدي ۾ آهيان، عثمان (رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه) هڪ هزار اٺن جو ٻوجھ ڪڻڪ وغيره صدقو ڪيو آهي۔ الله ڪريم عثمان(رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه) جو اهو عمل قبول فرمائي جنتي حور سان ان جو نڪاح ڪيو آهي۔

(الرياض النضرة،ذڪر صدقاته،۲/۴۳ ملتقطاً)

اِمامُ الْاََسْخِیا! کر دو عطا حِصَّہ سخاوت کا                قَناعَت ہو عِنایت، دیں نہ دَولت کی فَراوانی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد