Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

٭ ارشاد فرمايائون: ٻانهي کي پنهنجي دِينداري جي اعتبار سان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن هو دِين ۾ سخت هوندو آهي ته ان جي آزمائش به سخت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي دِين ۾ ڪمزور هوندو آهي ته الله ڪريم ان جي دِينداري جي مطابق ان کي آزمائيندو آهي۔ ٻانهو مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو رهندو آهي ايستائين جو هن دنيا ئي ۾ ان جا سمورا گناھ بخشيا ويندا آهن۔ (ابن ماجه،ڪتاب الفتن،باب الصبر علي البلاء،۴ /۳۶۹ ، رقم:۴۰۲۳)

٭ ارشاد فرمايائون: جڏهن الله پاڪ ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪندو آهي يا ان کي پنهنجو دوست بڻائڻ جو اِرادو فرمائيندو آهي ته ان تي آزمائشن جي برسات ڪندو آهي، پوءِ جڏهن اهو ٻانهو پنهنجي ربّ کي سڏيندو آهي، اي منهنجا ڪريم ربّ! ته الله پاڪ فرمائيندو آهي: منهنجا ٻانها تون جيڪو ڪجھ مون کان گھرندين مان تو کي عطا ڪندس يا ته جلد ئي توکي ڏئي ڇڏيندس يا ان کي تنهنجي آخرت جي لاءِ ذخيرو ڪندس۔(الترغيب والترهيب ، ڪتاب الجنائز، باب التر غيب في الصبر...الخ،۴/۱۳۵ ،رقم:۵۲۲۵)

٭ ارشاد فرمايائون: جنهن جي مال يا جان ۾ مُصيبت آئي پوءِ هن ان کي پوشيده رکيو ۽ ماڻهن تي ظاهر نه ڪيائين ته الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔  (مَجْمَعُ الزَّوَائِد،ڪتاب الزھد،باب فيمن صبر علي العيش… الخ،۱۰ / ۴۵۰، حديث:۱۷۸۷۲)

                                           چُپ رہسِیں تا ں موتی مِلسن، صَبْر کرِیں تا ہیرے

                   پاگلاں وانگوں رَولا پاویں ناں موتی ناں ہیرے

يعني: جيڪڏهن تون (مصيبتون اچڻ تي) خاموشي اختيار ڪندين ته توکي (ثواب جا) موتي ملندا، صبر سان ڪم وٺندين ته ان جي بدلي ۾ توکي (ثواب جا) هيرا ملندا۔ ها! جيڪڏهن تو چرين وانگر شڪوه شڪايتن جو اظهار ڪيو ته پوءِ توکي نه ته موتي ملندا ۽ نه ئي هيرا۔