Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

آهيون، نماز روزي جي پابندي به ڪندا آهيون، صدقو ۽ خيرات به ڪندا آهيون، بُزرگن جي آستانن تي وڃي دُعائون به گھرندا آهيون، بکايلن کي کاڌو به کارائيندا آهيون، سُنَّتن ڀري اجتماعن ۾ به شرڪت ڪندا آهيون، ڪيئي ڀيرا مدني قافلن ۾ به سفر ڪيو، ڪو پير فقير ناهي ڇڏيو، طرح طرح جا حيلا ڪيا پر پريشانيون ختم ٿيڻ بدران مزيد وڌنديون پيون وڃن، بس هاڻ گھڻو صبر ڪري ورتو، هاڻي وڌيڪ صبر جي گنجائش ناهي۔ اهڙي طرح ڪن نادانن کي ته هيئن به چوندي ٻُڌو ويندو آهي: ”خبر ناهي مون کان ڪهڙي خطا ٿي آهي، مون کان اهڙو ڪهڙو گناھ ٿي ويو آهي جنهن جي اسان کي سزا ملي رهي آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هر هر لمحي گناھ جي ڪثرت ۽ ڀرمار جي باوجود ، افسوس آهي انهن تي جيڪي اهو چئي رهيا آهن ته آخر" مون کان اهڙو گناھ ٿيو آهي جو جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي۔!

ڇا نمازون قضا ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا رمضان جا فرض روزا بِلا عذرِ شرعي ڇڏي ڏيڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا مسلمانن جي بِلاعذرِ شرعي دِل آزاريون ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا ناحق قتل ڪرڻ يا ڪرائڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا جادُو ڪرائي ڪنهن کي تڪليف ۾ وجھڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا زڪوٰة فرض هئڻ جي باوجود ادا نه ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا والدين جي نافرماني ۽ دِل آزاري ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا وياج جي ڏيتي ليتي ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا يتيم جو مال ظلماً کائڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا ڪوڙ ۽ ڌوڪي جو سهارو وٺي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا شراب نوشي، تڪبُّر ۽ خودپسندي ڪو گناھ ناهي؟ ڇا زڪوٰة جي مال ۾ خيانت ڪري پنهنجي آخرت کي برباد ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا چوري ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا خودڪشي ڪري پنهنجي جان کي هميشه جي لاءِ هلاڪت ۾ وجھڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا مَردن جو عورتن وانگر ۽ عورتن جو مَردن جيان فيشن اِختيار ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا پيشاب