Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

ڪهڙي ڪهڙي نموني ستايو ويو، اچو! ان جون ڪجھ دل کي وڍيندڙ جھلڪيون ملاحظه ڪريو، جيئن

جڏهن مڪي مدني سلطان،رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي جي وادين ۾ ماڻهن کي الله پاڪ جي عِبَادت ڏانهن سڏڻ شروع ڪيو ته شرڪ ۽ ڪفر جي فضائن ۾ پروان چڙھندڙن کي اها ڳالھ سخت ناگوار گذري ۽ اهي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جان جا دشمن ٿي ويا، سندن راھن ۾ ڪنڊا وڇايا ويا، نازڪ جسم تي پٿر وسايا ويا، تڪليفن ۽ مصيبتن جا پهاڙ ٽوڙيا ويا ۽ برو ڀلو چوڻ جو بازار خوب گرم ڪيو ويو رڳو انهيءَ تي بس نه ڪيائون بلڪ جيڪو به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آڻڻ جي سَعَادَت سان مشرف ٿيندو هو، اهي بدبخت ماڻهو ان کي به طرح طرح جي تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ڪري اِسلَام کان ڦيرڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويندا هئا، ڪنهن کي تَندور جيان گرم گرم عرب جي ريگستان جي تيز اُس ۾ پُٺي کي ڪوڙن جي مار سان زخمي ڪري گرم واريء تي پٺ ڀر لٽائيندا هئا ۽ سيني تي ايترو وزني پٿر رکندا هئا جو پاسو نه بدلي سگھي، ڪنهن جي جسم کي لوھ جي گرم سيخن سان داغ ڏيندا هئا، ڪنهن کي پاڻي ۾ ايتري قدر غوطا ڏيندا هئا جو انهن جو ساھ ٻوساٽڻ لڳندو هو ۽ ڪنهن کي فراسيءَ ۾ ويڙهي نڪ ۾ دُونھو ڏيندا هئا جنهن سبب ساھ کڻڻ مشڪل ٿي ويندو هو۔ غرض اهڙا اهڙا ايذاء ڏيندڙ ظلم ڪيا جو جيڪڏهن انهن جي بدران پهاڙ هجي ها ته شايد اهو ڏڪڻ لڳي ها، پر قربان وڃجي، انهن شَمعِ رِسالت جي پروانن تي! انهن مصيبتن ۽ تڪليفن کان گھٻرائجي ڪنهن هڪ به نه ته بي صبري جو مظاهرو ڪيو، نه روڄ راڙو ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن جي اڳيان پنهنجي تڪليفن جو اظهار ڪيائون بلڪ الله پاڪ جي رضا تي راضي رهيا، مصيبتن ۽ پريشانين جوهمت سان مقابلو ڪيائون ۽ الله پاڪ جو خاص قرب حاصل ڪيائون۔