Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

٭ مُحَرَّمُ الحَرَام جو مهينو به اسان کي صبر ۽ رضا جو درس ڏئي ٿو، هي اهو ئي مهينو آهي جنهن ۾ ڪربلا وارو واقعو پيش آيو هو، يزيدِ پليد ۽ ابنِ زياد بدبخت جي فوجن ميدانِ ڪربلا ۾ نواسَه رسول حضرت سَيدُنا امام عالي مقام امامِ حسين رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه، سندن خاندان وارن ۽ ٻين جان نثارن تي اهي ظلم ۽ ستم ڪيا جن جو تصوُّر ڪري ئي رُوح تڙپي ويندو ۽ بدن جا وار اُڀا ٿي ويندا آهن، ان جي جواب ۾ انهن حضرات صبر ۽ رضا جو جيڪو عملي مظاهرو ڪيائون يقيناً اهو تقليد لائق آهي۔

رونا مصیبت کا تُو مت رو، اٰلِ نبی کے دیوانے                  کرب و بلا والے شہزادوں ،پر بھی تُو نے دھیان کیا؟

 

٭ مصيبت تي صبر جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ جهنم جي عذابن کي ياد ڪريو، يقيناً دنيا جي وڏي کان وڏي مصيبت به ان جي سڀ کان هلڪي عذاب جي برابر به نٿي ٿي سگھي۔ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: دوزخين ۾ سڀ کان هلڪو عذاب جنهن کي ٿيندو، ان کي باھ جا جوتا پارايا ويندا جن سان اُنهن جو دماغ ٽهڪڻ لڳندو۔ (بخاري،ڪتاب الرقاق،باب صفة الجنة والنار، ۴/۲۶۲، حديث :۶۵۶۱)

اِلٰہی! واسطہ پیارے کا، میری مغفرت فرما                    عذابِ نار سے مجھ کو خدایا خوف آتاہے

٭ مصيبت تي صَبر جو ذِهن بڻائڻ جي لاءِ پاڻ کان وڏي مصيبت واري جي باري ۾ غور ڪيو وڃي ته فلاڻي جي مقابلي ۾ منهنجي تڪليف تمام گھٽ آهي، اهڙي طرح پنهنجي مصيبت هلڪي محسوس ٿيندي ۽ صَبر ڪرڻ آسان ٿي ويندو۔

٭ مصيبت تي صَبر کي آسان بڻائڻ جو هڪ طريقو هي به آهي ته ان طرح پنهنجو ذِهن بڻايو وڃي ته اها مصيبت عارِضي (Temporary) ۽ هلڪي ٿي جلد ختم ٿي وڃڻ واري آهي پر صَبر جي صورت ۾ ملڻ وارو اجر وثواب ڪڏهن خَتم نه ٿيندو۔ تنهنڪري صَبر ئي ۾ ڀلائي آهي۔