Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

شريف جو ورد ڪندو رهيو۔ اڱاري ۽ اربع جي وچين رات هو تلاوتِ قرآنِ پاڪ ۾ مصروف رهيو، صبحِ صادق مهل وڏي آواز سان ڪلمو شريف پڙھڻ لڳو ۽ ڪلمي شريف لَآاِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله جو وِرد ڪندي ڪندي انهن جو روح قَفَسِ عُنصري مان پرواز ڪري ويو۔

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے                                                                                             نہ چھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

یقیناً مقدَّر کا وہ ہے سکندر                                              جسے خیر سے مل گیا مَدنی ماحول

پلا کر مئے عشق دیگا بنا یہ                                                                                                                                           تمہیں عاشقِ مُصْطَفٰے مدنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايمان سان زِندَگي گذارڻ وارو ئي ڪامياب آهي، وڏو نازُڪ مُعامَلو آهي، شيطان هر وَقت ايمان ضايع ڪرڻ جي موقعي ۾ لڳل رهندو آهي۔ مصيبت اچڻ تي صَبر ڪندي هر حال ۾ ربِّ ڪريم جي رِضا تي راضي رَهڻ گھرجي۔ الله پاڪ جنهن کي چاهي بي حساب جنّت ۾ داخِل فرمائي ۽ جنهن کي چاهي امتحان ۾ مبتلا ڪري صَبر جي توفيق عطا فرمائي انعام و اِڪرام جي برسات فرمائي۔ ڪامل مومِن اهو ئي آهي جيڪو هر حال ۾ ربِّ ڪريم جو شگر گذار ٻانهو بڻجي رهي۔ مصيبتن جي ڪري الله پاڪ تي اعتراض ڪري پاڻ کي هميشه جي لاءِ جهنَّم جي حوالي ڪرڻ وارو شخص تمام ئي وڏو بد نصيب آهي۔ هر مسلمان کي امتحان جي لاءِ تيار رَهڻ گھرجي، خداءِ رحمٰن جو سيپارو 2 سُورَة البَقَره جي آيت نمبر214 ۾ فرمانِ عبرت نِشان آهي:

اَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تَدْخُلُوا الْجَنَّةَ وَ لَمَّا یَاْتِكُمْ مَّثَلُ الَّذِیْنَ خَلَوْا مِنْ قَبْلِكُمْؕ-

تَرجمو ڪنز الايمان: ڇا اوھان هِن گُمان ۾ آھيو ته بھشت ۾ هليا ويندا ۽ اوھان تي اڳين جهڙي رُوئِداد نه آئِي آھي