Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

٭ فرمايائون: الله ڪريم کي اها ڳالھ پسند آهي ته ٻانهو هر گرھ ۽ هر ڍڪ تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري۔

(مسلم،ڪتاب الذڪروالدعاء، الخ،باب استحباب حمد الله۔۔۔الخ، ص۱۱۲۲، حديث:۶۹۳۲)

٭ فرمايائون: توهان کي گھرجي ته زبان ذڪر سان ۽ دل شُڪر سان تر رکو۔    (شعب الايمان ، باب في محبة الله، فصل في ادامة ذڪر الله ،۱/ ۴۱۹، حديث: ۵۹۰ ،ملتقطاً)

 ٭ شڪر اعليٰ درجي جي عبادت آهي۔ (شڪر ڪے فضائل، ص۱۲) ٭  الله پاڪ جي نعمتن تي شڪر واجب آهي۔ (خزائن العرفان،پ۲،البقره ،تحت الاية:۱۷۲) ٭  شڪر جي توفيق عظيم سعادت آهي۔ (ايضاً ،ص۱۲) ٭  شڪر ۾ نعمتن جي حفاظت آهي۔ (ايضاً ،ص۱۲) ٭  شڪر الله وارن جي عادت آهي۔ (ايضاً ،ص۱۲) ٭  شڪر گناھ جو ترڪ آهي۔ (ايضاً، ص۱۲) ٭  نعمت ملڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي صورت ۾ ٻانهو عذاب کان محفوظ رهي ٿو۔ (صراط الجنان ،۴/۴۰۶) ٭  عبادت بغير شڪر جي مڪمل ناهي ٿيندي۔ (بيضاوي،۱/۴۴۹، پ۲،البقره ،تحت الاية:۱۷۲) ٭  شڪر تمام عبادتن جي اصل آهي۔ (تفسير ڪبير، ۲ /۱۹۱ پ۲،البقره ،تحت الاية:۱۷۲) ٭  حضرت سَيدُنا ابوبڪر شِبلي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: شڪر هي آهي ته نظر نعمت عطا ڪرڻ واري تي هجي نه اهو ته نعمت تي۔ (احياء العلوم ،ڪتاب الصبروالشڪر،۴/۱۰۳) ٭  ابوسليمان واسطي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نعمتن کي ياد ڪرڻ سان دل ۾ ان جي محبت پيدا ٿيندي آهي۔ (تاريخ مدينه ابن عساڪر،۳۶ /۳۳۴، حديث: ۴۱۳۳) ٭  حضرت سَيدُنا عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نعمتن کي شڪر جي ذريعي محفوظ ڪريو۔ (حلية الاوليا،۵/ ۳۷۴، حديث: ۷۴۵۵)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.