Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

ٹُوٹے گو سر پہ کوہِ بَلا صَبْر کر                                           اے مبلغ نہ تُو ڈگمگا صَبْر کر

لب پہ حرفِ شکایت نہ لا صَبْر کر                                      ہاں یہی سُنّتِ شاہِ ابرار ہے

مختصروضاحت: بالفرض جيڪڏهن توتي مصيبتن جا پهاڙ ٽٽي پون تڏهن به توکي گھرجي ته تون صبر کان ڪم وٺ۔ اي مبلغ! مصيبتن کان نه گھٻراءِ ۽ صبر سان ڪم وٺ، جڏهن به ڪا مصيبت يا پريشاني اچي ته حرفِ شڪايت زبان تي آڻڻ جي بدران صبر سان ڪم وٺجان، ان ڪري جو مصيبتن تي صبر ڪرڻ ته مڪي مدني سلطان، سرورِ ذيشان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سُنّت آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! پهريان جي مسلمانن جو مصيبتن ۽ آزمائشن تي صبر جي معاملي ۾ ڪيتري قدر زبردست مدني ذهن بڻيل هو، جو جوان اولاد جي فوتگي جهڙي غمناڪ موقعي تي به بي صبري، نوحه، روڄ راڙو ۽ ڪو به غير شرعي ڪم ڪرڻ جي بدران رِضاءِ الٰهي تي راضي رهندا هئا۔ انهن کي هن ڳالھ جو پختو يقين هوندو هو ته اولاد الله پاڪ جي اَمانت هوندي آهي، جيڪڏهن ان پنهنجي امانت واپس وٺي ورتي آهي ته هن تي بي صبري جو مظاهرو يا دانهون ڪرڻ بدران دل ۽ جان سان ان جي فيصلي کي تسليم ڪرڻ گھرجي۔ پر افسوس! علمِ دِين کان دُوري جي ڪري هاڻ اسان جي معاشري ۾ هن طرح جي مدني سوچ رکڻ وارا تمام گھٽ نظر ايندا آهن ۽ ڄڻ ته هر ٻيو شخص ڪنهن نه ڪنهن اِعتبار سان بي صبري ۾ مبتلا نظر ايندو آهي، مثال طور ٭  ڪنهن جو قريبي عزيز يا ٻار فوت ٿي ويو ته بي صبري، علمِ دِين کان دُوري جي ڪري جوان پٽ يا ڌيءَ جي موت تي ته شايد ايتري قدر بي صبري هوندي جو مَعَاذَالله ڪفريه جملا تائين به نڪري ويندا آهن۔ ٭  آپريشن (Operation) ڪرايو پر ناڪام ٿيو ته بي صبري، ٭  بيماري آئي ته بي صبري ٭  ڪنهن جي