Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

ڪا شيء گم ٿي ته بي صبري ٭  بجلي هلي وئي ته بي صبري، ٭  پاڻي بند ٿي ويو ته بي صبري، ٭  جنريٽر خراب ٿي ويو ته بي صبري، ٭  گراهڪ گھٽ ٿي ويا ته بي صبري، ٭  پگھار يا ڪميٽي ملڻ ۾ دير ٿي وئي ته بي صبري، ٭  ٽريفڪ جام ٿي ويو ته بي صبري، ٭  گاڏي پنچر ٿي وئي ته بي صبري، ٭  کاڌي وغيره ۾ لوڻ، مِرچ گھٽ يا گھڻو ٿي ويو ته بي صبري، ٭  ڪا ڪَوڙي شيء مُنهن ۾ اچي وئي ته بي صبري، ٭  ٿڌي يا مٺي پاڻي جي بدران سَادو يا ڪَوڙو پاڻي مِليو ته بي صبري، ٭  ناشتو يا کاڌو وقت تي نه مليو ته بي صبري، ٭  گرمي يا سيء وڌي ويو ته بي صبري، ٭  ريل يا جهاز وغيره جون ٽڪٽون وقت تي نه مليون ته بي صبري، ٭  سواري نه ملي ته بي صبري، ٭  ڪنهن لفٽ نه ڏني ته بي صبري، ٭  بيان ڪرڻ يا نعت پڙھڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ته بي صبري، ٭  ڪنهن دل ڏکائي ته بي صبري، ٭  سٺي نوڪري ناهي ملي رهي ته بي صبري، ٭  سٺو رشتو ناهي ملي رهيو ته بي صبري، ٭  سٺو مڪان ناهي ملي رهيو ته بي صبري، ٭  موبائل جا سگنل نه پيا اچن يا نيٽ ناهي هلي رهيو ته بي صبري، ٭  ڪنهن شادي ويانءَ يا وليمي ۾ ناهي گھرايو ته بي صبري، ٭  ڪنهن ڳالھ ٻڌي ٽاري ڇڏيائين ته بي صبري، ٭  فريج، موبائل، پاڻي جي موٽر يا اِستري وغيره ڪا شيء خراب ٿي وئي ته بي صبري، ٭  ڪنهن کان قرض گھريو پر نه مليو يا رقم اڌار ڏني واپس نه ملي ته بي صبري، ٭  ڪنهن کان پاڻي گھريو پر ان منع ڪري ڇڏيائين ته بي صبري، ٭  مسجد مان جُوتا چوري ٿي ويا ته بي صبري، ٭  جيب ڪٽجي وئي ته بي صبري، ٭  ڪنهن جي ڪال رِيسيو نه ٿي ته بي صبري، ٭  ڪرائيدار ڪرايو ڏيڻ ۾ دير ڪئي ته بي صبري، ٭  ڪنهن وٽ مهمان بڻجي ويا ۽ ان مرضي مطابق خير خواهي نه ڪئي ته بي صبري، ٭  بس وغيره ۾ رش سبب ڪنهن پير تي پير ڏنو ته بي صبري، ٭  ڪاروبار ۾ نقصان ٿي ويو ته بي صبري، ٭  پير ترڪي ويو يا چوٽ لڳي ته بي صبري، ٭  مدني مشورو شروع ٿيڻ ۾ ڪنهن سبب دير ٿي وئي ته بي صبري، ٭  ڪنهن ذميدار يا ماتحت کان دل